سينئر پوليس آفيسرن خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ آءِ جي سنڌ ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي سميت سينئر پوليس آفيسرن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ توهين عدالت جو ڪيس داخل ڪيو آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو واضح حڪم آهي ته سياسي معاملن ۾ دهشتگردي جو ڪيس داخل نٿو ڪري سگهجي ۽ مون ووٽ پئي ڏنو ته مون تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، ڇا مان دهشتگرد آهيان؟ اهڙو اظهار هن سينيٽر سيف الله ابڙو، اِدوڪيٽ عبدالوهاب بلوچ، ممتاز گوپانگ ۽ وڪيلن جي ٽيم سان گڏ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست جمع ڪرائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.

Halim Adil consultation with Lawyers, Photo Screen shot

هن چيو ته عدالت م داخل ڪيل درخواست ۾ هن مشتاق مهر، غلام النبي ميمڻ، ڊي آءِ جي ايسٽ نعمان صديقي، ايس ايس پي ملير ۽ ٻين کي جوبدار نامزد ڪيو آهي. هن چيو ته مونکي سنڌ جي مسئلنن تي آواز اٿارڻ جي سزا ملي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ پوليس وڏي وزير جي چوڻ تي هلي پئي. سنڌ پوليس جا آفيسر منشيات فروشي ۾ ملوث آهن. هن چيو ته تازو سنڌ حڪومت ڪتن کي نيوٽرل ڪرڻ لاءِ 24 ڪروڙ جون گاڏيون خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ماڻهو مرن ٿا کين پينا ڊول نٿي ملي ۽ هي ڪرپشن ڪن ٿا. هن چيو ته اڳ ۾ ماڪڙ تي ڪنٽرول لاءِ ويگو گاڏيون خريد ڪيون ويون هاڻي ڪتن لاءِ، ڇا ان سان معاملا بهتر ٿيندا؟ هن چيو ته ٽنڊو الله يار ۾ پوليس رشوت نه ڏيڻ تان بابر خانزادو کي تشدد ڪري قتل ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو