سينئر صحافي ۽ ڪالم نگار ادريس بختيار فوت ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان جو ناليوراو صحافي ادريس بختيار دل جي بيماري سبب ڪراچي جي اسپتال م فوت ٿي ويو. مرحوم پنهنجي سوچ ۽ اصولن مطابق هڪ سچو ۽ اصول پرست انسان ۽ پروفيشنل صحافي هو. 75 سالن جي ڄمار ۾ دل جي سرڪاري اسپتال ۾ ڪجهه ڏينهن داخل رهڻ بعد فوت ٿيو. 2 سال اڳ حسن ڪارڪردگي تي ايوارڊ ماڻيندڙ ادريس بختيار جا وڏا هندوستان جي رياست راجستان جي شهر اجمير شريف مان لڏي پاڪستان آيا ۽ هو سنڌ جي شهر حيدرآباد م مقيم هو. ڊان گروپ جي مختلف اخبارن ۾ ڪم ڪندو رهيو ۽ بي بي سي ۾ به ڪم ڪيو. ستر واري ڏهاڪي ۾ ڪراچي منتقل ٿيو ۽ مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو. هو جيو ۽ جنگ سان به سلهاڙيل رهيو ۽ جنگ م ڪالم به لکندو هو. ڪجهه سال اڳ پروسٽيٽ ڪينسر جو آپريشن به ڪرايو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو