ابڙو سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين شپ تان فارغ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽر سيف الله ابڙو کي سينيٽ توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين شپ تان هٽايو ويو.سيف الله ابڙو خلاف بي اعتمادي رٿ سينيٽرز بهرا مند خان تنگي، منظور ڪاڪڙ، ثنا جمالي، حافظ عبدالڪريم ۽ دلاور خان جمع ڪرائي هئي جنهن کي متفقه طور تي منظور ڪيو ويو.ٻي پاسي ميمبرن متفقه طور تي سينيٽر اعظم نذير تارڙ کي سينيٽ جي توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو.ان کانسواءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ايڊيشنل سيڪريٽري سينيٽ حفيظ الله شيخ جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ اعظم نذير تارڙ، سيف الله ابڙو، سيف الله خان نيازي،حاجي هدايت الله، منظور ڪاڪڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو