هاليجوي بزرگ جي وفات، جي يو آءِ پاران افسوس جو اظهار

حيدر آباد(ويب ڊيسڪ)جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جو امير سيد عبدالصمد هاليجوي لاڏاڻو ڪري ويو ، مرڪزي ميڊيا سيل جميعت علماءِ اسلام پاڪستان بيان جاري ڪندي چيو آهي ته سائين عبدالصمد هاليجوي برصغير جي سڀ کان وڏي درسگاهه درگاه هاليجوي جو سجاده نشين هو،سائين عبدالصمد هاليجوي ڪافي عرصي کان بيمار هو ۽ ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. ترجمان اسلم غوري موجب سائين عبدالصمد هاليجوي جي وفات جي يو آءِ لاءِ وڏو سانحو آهي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي يو آءِ سنڌ جي امير ۽ عظيم روحاني رهبر سيد عبدالصمد هاليجوي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو چيو ته سائين عبدالصمد هاليجوي جي لاڏاڻي جي خبر افسوسناڪ آهي حضرت جي وفات پوري ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ صوبي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي سائين حليجي جي وفات سان مون لاءِ دعا جو هڪ ٻيو باب بند ٿي ويو،هو هميشه هڪ مرشد، رهنمائي ڪندڙ، دعا ڪندڙ، وفادار صلاحڪار، وفادار ساٿي ۽ مخلص صلاحڪار هو حضرت مرحوم منهنجو رحمدل بزرگ، رهبر ۽ جماعت جو سرمايو هو مرحوم اسان جي شاندار روايتن جو محافظ هو،مرحوم خانقاه ۾ زائرين ۽ سياسي ميدان ۾ ڪارڪنن جي رهنمائي ڪئي،مرحوم خانقاه مان نڪري عملي ميدان ۾ به ظلم جو مقابلو ڪيو،حضرت جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو،منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ انهن سان رحم ۽ ڪرم سان پيش اچي ۽ سندن درجات بلند فرمائي،رب العالمين سندس پونئرن، شاگردن، شاگردياڻين ۽ پونئرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو