سيد صدرالدين شاهه راشدي جا نامينيشن فارم منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صدر سيد صدرالدين شاهه راشدي جا نامينيشن فارم منظور ڪيا ويا آهن. سيد صدرالدين شاهه راشدي خيرپور جي تڪ اين اي 203 ۾ پنهنجا نامينيشن فارم جمع ڪرايا هئا. صدر الدين شاهه راشدي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تحريڪ انصاف جو باني موجوده حالتن ۾ اليڪشن ۾ نظر نه پيو اچي، ڪاغذن ۾ سڀ ڪجهه ڏيکاريو ويو. پر ترقياتي ڪمن تي هڪ روپيو به خرچ ناهي ڪيو. هن چيو ته پ پ جي نمائيندن ترقياتي ڪمن بدران پئسن سان پنهنجا گهر ڀري ڇڏيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو