سيبس يونيورسٽي ڄامشورو ۾ سينيٽ جو پهريون اجلاس، بجيٽ منظور

ڄامشورو: (ن س) شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشورو ۾ سينيٽ جو پهريون اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت سيبس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو ڪئي.سينيٽ تازو چئن مالي سال 2020-21، 2021-22، 2022-23، 2023-24 جي بجيٽ جي منظوري ڏني.سينيٽ اٿارٽيز جي چونڊن کي ريگيولر ڪرڻ واري مسودي، ڪارڪردگي ۽ نظم و ضبط مسودا، مختلف تعليمي ادارن جو يونيورسٽي سان ڳانڍاپو، اسٽوڊنٽس ويلفيئر فنڊ مسودو، انڊومينٽ فنڊ ۽ ڊپارٽمينٽ اينڊ ڊولپمينٽ فنڊ جو جائزو ورتو ۽ منظوري ڏني. سينيٽ ملازمن جي انشورنس فنڊ اسٽيڊيز جي توثيق نه ڪئي جنهن تي معاملو سنڊيڪيٽ ڏانهن اماڻيو ويو.ان موقعي تي ڳالهائيندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو ميمبرن کي سالياني بجيٽ، فيس، شاگردن کي فراهم ڪيل سهولتن، هاسٽل ۽ ٽرانسپورٽ جي سهولتن ۽ سنڌ حڪومت پاران فراهم ڪيل گرانٽ بابت آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز نور احمد سمون، چانسلر اِلما يونيورسٽي ڪراچي نعمان عابد لاکاڻي، پرو وائيس چانسلر اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي پروفيسر ڊاڪٽر محمد طفيل، ايسوسيئيٽ پروفيسر انڊس ويلي اسڪول آف آرٽ اينڊ آرڪيٽيڪچر ڪراچي آرڪيٽيڪٽ همير سومرو، زرمين شاهه، ڊاڪٽر مسرور احمد شيخ، پروفيسر تعزين حسين، پروفيسر شهناز اسماعيل، شريف اعواڻ، ڊاڪٽر نعمان احمد ۽ سيبس يونيورسٽي مان سينيٽ جا نامزد ۽ چونڊيل ميمبر شريڪ ٿيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو