ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شهر سان لاڳاپيل سمورين سياسي ۽ ٻين پارٽين کي درخواست آهي تہ اھي واٽر ڪارپوريشن جون بقايائون ادا ڪرائڻ ۽ واٽر ڪارپوريشن جي آمدني وڌائڻ لاءِ عوامي مهم شروع ڪن تہ جيئن ڪارپوريشن شهرين جي وڌيڪ خدمت ڪري سگهي چاڪاڻ تہ اداري جي آمدني بهتر ٿيڻ سان شهر جا ڪافي مسئلا جلد حل ٿيڻ ۾ مدد ملندي، واٽر ڪارپوريشن شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ سٺا قدم کڻي رهي آهي ۽ ان حوالي سان پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ڪئي پئي وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان پاران ٽائون چيئرمين ڪورنگي نعيم شيخ جي اڳواڻي ۾ آيل وفد سان ملاقات دوران ڪيو، ملاقات دوران ڊي سي ڪورنگي جاويد مظفر، چيف انجنيئر آئي پي ڊي سعيد شيخ، چيف انجنيئر ڊبليو ٽي ايم ظفر پليجو سميت ٻيا عملدار پڻ موجود هئا، ان موقعي تي وفد پاران ڪورنگي ٽائون ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي مختلف مسئلن کان آگاهي ڏيندي چيو تہ سمورن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي، سي او او واٽر ڪارپوريشن وفد کي سمورن مسئلن جي فوري حل ڪرڻ جو يقين ڏياريندي موقعي تي موجود لاڳاپيل آفيسرن کي هدايتون جاري ڪندي پابند ڪيو تہ سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن ڇاڪاڻ تہ شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحات ۾ شامل آهي.
