راڻي پور ن س )راڻي پور جي علائقي پير حويلي ۾ تشدد سبب نينگري فاطمه جي قتل ڪيس جي چئن جوابدارن کي پوليس آزاد ڪري ڇڏيو آهي.آزاد ٿيلن ۾ ايس ايڇ او امير چانگ، ڊاڪٽر فتاح ميمڻ، ڊاڪٽر علي حسن وساڻ ۽ ڪمپائونڊر امتياز ميراسي شامل آهن.جاچ آفيسر دعويٰ ڪئي آهي ته چئن جوابدارن کي بي گناهه ثبوت پيش ڪرڻ بعد آزاد ڪيو ويو.ڊي ايس پي عبدالقدوس ڪلوڙ جي سربراهي ۾ 4 جوابدارن پنهنجي بيگناهي جا ثبوت ڪميٽي آڏو پيش ڪيا.هن چيو ته چئن جوابدارن کان اڃا تائين جاچ جاري آهي پر کين پوليس جي حراست مان آزاد ڪيو ويو آهي.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن کي آزاد نه ڪيو ويو آهي،انهن جي آزادي جو فيصلو جاچ ڪميٽي ڪندي ته کين آزاد ڪرڻو آهي يه نه،پوليس جوابدارن جي جيل ويڊيو جاري ڪري ڇڏي










