سياسي بنيادن تي مقرر زڪوات، عشر ڪاميٽين جا چيئرمينز معطل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت سياسي بنيادن تي مقرر زڪوات، عشر ڪاميٽين جا چيئرمينز معطل ڪري ڇڏيا، اوقاف کاتي پاران زڪوات، عشر ڪاميٽين جا چيئرمينز معطل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن مطابق چيئرمينز آفيسون، سرڪاري گاڏيون ۽ ٻيو سهولتون استعمال نه ڪندا، جڏهن ته هاڻي ضلعي زڪوات چيئرمينز جي جاءِ تي ايڊمنسٽريٽر ڪم ڪندا، کاتي جي ملزامن جون پگهارون به ضلعي زڪوات آفيسرن سان ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر جاري ڪندا. واضح رهي ته نگران سنڌ حڪومت گذريل مهيني صوبي ۾ سياسي بنيادن تي ڀرتي ٿيندڙ ماڻهن جي خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو هو. ان ڏس ۾ سنڌ جي سمورن سرڪاري ادارن، کاتن ۽ يونيورسٽِن کان سياسي ڀرٿين جو تفصيل گهريو ويو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو