سياسي استحڪام لاءِ پي ٽي آءِ ڏانهن هٿ وڌائڻ لاءِ تيار آهيون

لاهور(ويب ڊيسڪ)وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته سياسي استحڪام لاءِ پي ٽي آءِ ڏانهن هٿ وڌائڻ لاءِ تيار آهيون.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصدق ملڪ چيو ته شهباز شريف اڳي ئي چارٽر آف اڪنامڪ پيش ڪري چڪو آهي، ملڪي دشمني جاري آهي، ملڪي مفاد ۾ متحد ٿيڻ گهرجي.مصدق ملڪ جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي اسان کان اڳ پي ٽي آءِ کي گڏجي حڪومت ٺاهڻ جو چيو هو، جيڪڏهن پي ٽي آءِ اڪثريت ۾ هجي ها ته حڪومت ٺاهي ها.هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ سان سياسي معاملا ۽ اتحاد تمام بهتر نموني سان هلي رهيو آهي، اسان کي اميد آهي ته اسان جا سمورا اميدوار ڪامياب ٿيندا، پيپلز پارٽي جي حمايت غير مشروط آهي، پيپلز پارٽي ماضي ۾ به غير مشروط حمايت ڪئي هئي.مسلم ليگ ن جي اڳواڻ جو چوڻ آهي ته اڄوڪو ڏينهن جمهوريت لاءِ سنگ ميل هوندو، جيڪڏهن آيو ته معاشي استحڪام ايندو.وفاقي وزير جو چوڻ هو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ ٿيندي آهي ته سڀ متاثر ٿيندا آهن، رپئي ۽ ڊالر جي قدر جو تناسب به متاثر ٿيندو آهي. ڊالر جي قيمت ۾ واڌ سان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ به اضافو ٿيو آهي.هن جو اهو به چوڻ آهي ته روس، يوڪرين جي جنگ ۽ فلسطين تي اسرائيلي جارحيت سبب تيل جون قيمتون متاثر ٿي رهيون آهن، اوگرا ۽ هڪ انٽرنيشنل آڊٽ ڪمپني کي ٻن گئس ڪمپنين جي آڊٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو