سياست ۾ فوجي مداخلت بابت گنڊاپور جي بيان تي معافي کان انڪار

سياست ۾ فوجي مداخلت بابت گنڊاپور جي بيان تي معافي کان انڪار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي سياست ۾ فوج جي مداخلت بابت بيان تي معافي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پشاور ۾ پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري سلمان اڪرم راجا پارٽي جي اڳواڻن عمر ايوب، اسد قيصر، اعظم سواتي ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته علي امين گنڊاپور پاڪستاني فوج بابت جيڪو ڪجهه چيو آهي ان جي ڪا به معذرت ناهي، هن چيو ته علي امين گنڊاپور سڄي صحافت جي ڳالهه نه ڪئي، صحافت ۾ خالي واڳون آهن.وڏي وزير عورت صحافين جي باري ۾ ڪو به توهين آميز لفظ استعمال نه ڪيو، صحافت رياست جو پنجون ستون آهي، پي ٽي آءِ جي باني عمران خان چيو آهي ته صحافت جهاد ڪندي آهي.هن چيو ته ڪجهه ماڻهو جمهوري ۽ سياسي عمل تي تسلط جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پاڪستان کي حقيقي آزادي ملڻ گهرجي،عدالتن کي به نه ڇڏيو ويو، ججن کي خط لکيا آهن، پنهنجي مرضي جا جج مقرر ڪرڻ لاءِ قانون سازي ڪرڻ سان ڪم نه ٿيندو، ائين ٿيڻ نه ڏينداسين،سلمان اڪرم راجا چيو ته پاڪستان اهڙين حالتن جو وڌيڪ متحمل نٿو ٿي سگهي، ڪالهه جيڪو ٿيو اهو سراسر غلط هو، ڇا پارليامينٽ مقدس ناهي؟ پارليامينٽ جي توهين ڪئي وئي،هن چيو ته ڪالهه جي واقعي جو مقصد رڳو آئين ۾ ترميم ڪرڻ آهي، حڪومت جي اهڙي عمل خلاف روڊن تي نڪرنداسين،هن چيو ته اڌ سچ هميشه ڪوڙ هوندو آهي، 9 مئي جون وڊيوز آڻيو، باهه ڪير لڳائي، ڪير ڪيميڪل کڻي آيو، اسان جا ماڻهو نه هئا، هنن 9 فيبروري جي رات جيڪو ڪجهه ڪيو اهو سڀني جي سامهون آهي ووٽ جي صورت ۾ ڏنو ويو، جنهن ۾ خيانت ڪئي وئي،پي ٽي آءِ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري چيو ته توهان ٻرندڙ لاوا کي روڪي نٿا سگهو، اسان کي مجبور نه ڪيو وڃي، وڏو اجتماعي ڌماڪو ٿيڻ وارو آهي، اسان هن ملڪ جا محافظ آهيون، جيڪڏهن اهي آئيني حدن ۾ رهن ته انهن جو احترام ڪريون ٿا، هن چيو ته هن ملڪ ۾ اهڙو انقلاب ايندو ته دنيا ياد رکندي، ڪالهه جيڪي ڪيو ان تي توبهه ڪندا، پاڪستان جي خاطر اچو، ملن ۽ ٻڌيون، سنڌ ۽ بلوچستان به هلون، اچو ته ڏسون. ان کي ڪير روڪي سگهي ٿو، پي ٽي آءِ طرفان سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو