اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مٽياري ضلع جي مسئلن ۽ اشوز تي سول سوسائٽي سنڌ جي چيئرمين سيد گلفام ڪاظمي وائيس چيئرمين سرداراياز ميمڻ انفارميشن سيڪريٽري عبدالرحيم ميمڻ فوڪل پرسن اسلام آباد نعيم ھالو ارباب سمير لاکو جي قياد ۾ گورنر گلگت بلتستان سيد مھدي شاه سينيٽر منسٽر ڪلائيميٽ چئينج شيري رحمان وفاقي وزير پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ احسن اقبال ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاھد اڪرم دراني سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.

وفد کين ھالا پراڻا خاڻوٺ برج بابت فائيل ڏنو. ھالا پراڻا ۾ نادرا جي آفيس جي قيام لاء درخواست ڪئي ۽ مٽياري ضلع ۾ ھالا پراڻا ۾ قائم تفريحي مرڪز مھراڻ پيراڊائيز پڪنڪ پوائنٽ کي وڌيڪ تفريح لائق بنائڻ ۽ جسٽس انصاف قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ ٻوڏ متاثر ۽ برسات ۾ بي گھر ٿيلن جي واھر لاء گذارش ڪئي. جن جو ھنن يقين ڏيارو ته انھن مسئلن کي حل ڪيو ويندو ۽ ماڻھن جي واھر ڪئي ويندو ڇو ته اهو رياست جو فرض آھي.










