سول جج جو ٿاڻي تي ڇاپو، ناحق باندي بڻيل نوجوان آزاد

ڪنب (صفدرچانڊيو) سول جج ڪوٽڏيجي عبدالڪريم سانگري ڪنب ٿاڻي تي ڇاپو هڻي بيگناه باندي بڻيل مدينه ڪالوني جي رهواسي  غلام شبير گوپانگ کي آزاد ڪرايو.  جڏهن ته جج جي پهچڻ شرط ايس ايڇ او ڪنب منشاد ڪلوڙ غيرموجود هيو ۽ سندس ڊرائيور نامعلوم هنڌ تان ايس ايڇ او کي کڻي آيو. جج پاران ايس ايڇ او ڪنب کي ڇنڊ پٽيندي رڪارڊ بابت پچاڳڇا ڪئي ۽ سڀاڻي رپورٽ پيش  ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ھوڏانهن جج پاران آزاد ڪرايل غلام شبير گوپانگ ڪنب ٿاڻي ٻاهرايان تفصيل ڏيندي چيو ته سول جج ڪوٽڏيجي کي سادي درخواست ڏني جنهن جو جج  صاحب تڪڙو نوٽيس وٺي پوليس کان آزاد ڪرايو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته  پوليس منهنجي نوجوان پٽ عبدالڪريم گوپانگ کي پنجن ڏينهن کان گم ڪري رکيو هو جنهن خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪندس.

پهنجو تبصرو موڪليو