سولنگي برادري جي ماڻهن جو پنهنجي برادري جي بااثر خلاف احتجاج

دادو (ن سنڌيار) دادو ۾ سولنگي برادري جي ماڻهن جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت پنهنجي برادري جي بااثر پاران پلاٽ تي قبضي خلاف پريس ڪلب دادو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي مظاهرين ظفر؛ نظير ؛طارق سولنگي ۽ عورتن ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته فوتي محمد عرس سولنگي جا وارث آهيون اسان جي فوتي محمد عرس سولنگي جو پلاٽ ۽ زمين تي بااثر ديدار سولنگي قبضو ڪيو هو مرحوم محمد عرس جنهن جي پنهنجي هوندي سيشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ ديدار سولنگي انهيءَ ڪيس ۾ روپوش ٿيل آهي جيڪو پاڪستان ڇڏي سعودي عرب هليو ويو هو ڪورٽ سڳوري  طرفان ديدار سولنگي جا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيل آهن ڪجھ وقت سعودي عرب رهڻ کان پوءِ جوابدار ديدار سولنگي پاڪستان دادو پهتل آهي جيڪو روپوش آهي جنھن کي پاڙي جي نيڪ مرد شاهنواز پنهور فيصلو ڪري قرآن پاڪ تي هٿ رکي پلاٽ ۽ زمين اسان کي ڏيارڻ لاءِ پابند بڻايو پر هاڻي ديدار سولنگي فيصلي تي عمل نه ڪندي اسان کي موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جو چئي رهيو آهي ۽ اسان جو پلاٽ ۽ زمين نه ٿو ڏئي هنن ايس ايس پي دادو سميت وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته جوابدار ديدار سولنگي ۽ ٻين خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي پنهنجو حق ڏياريو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو