پشاور(ويب ڊيسڪ) ڊائريڪٽر جنرل پي ڊي ايم اي خيبرپختونخوا سوات سانحي تي جاچ ڪميٽي کي بيان رڪارڊ ڪرايو. صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي سوات سانحي تي قائم ڪيل جاچ ڪميٽي کي ٻڌايو ته ضلعي انتظاميا کي 23 جون تي برساتن بابت الرٽ جاري ڪيو ويو هو، جنهن ۾ پشاور ۽ سوات سميت صوبي جي مختلف ضلعن ۾ 25 جون کان تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي.ڊي جي پي ڊي ايم اي چيو ته سوات، دير، ڪوهستان ۽ شانگلا جي مقامي دريائن ۽ واهن ۾ ٻوڏ جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي ۽ ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ننڍي ۽ وڏي مشينري جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي. ڊي جي پي ڊي ايم اي موجب، صوبي جي سڀني ضلعي انتظاميا کي 460 ملين رپين جا فنڊ جاري ڪيا ويا. ضلعي انتظاميا جي مطالبي تي امدادي سامان پڻ فراهم ڪيو ويو. پي ڊي ايم اي پنهنجو سمورو ڪم وقت تي مڪمل ڪيو.










