سوئي ۾ گئس پائپ لائن وڇائڻ جو واعدو، روزگار ڏيڻ جو اعلان

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي علائقي سوئي ۾ گئس پائپ لائن وڇائڻ جو واعدو ڪيو آهي. ڊيرا بگٽي ۾ پ پ جي چونڊ جلسي کي آصف علي زرداري مختصر ٽيليفونڪ خطاب ڪيو.هن واعدو ڪيو ته سوئي ۾ گئس پائپ لائن وڇائيندس، گڏوگڏ اڳوڻي صدر مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ جو به اعلان ڪيو. آصف زرداري چيو ته مان هن ڌرتي جي ۽ توهان جي مسئلن کي سمجهان ٿو، توهان کي پنهنجو حصو ڏيارينداسين، پ پ توهان جا مسئلا حل ڪندي. واضح رهي ته موسم جي خرابي سبب آصف زرداري جلسي ۾ نه پهچي سگهيو ۽ هن ڪارڪنن سان جلد اچڻ جو واعدو به ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو