ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قومپرست جماعتن جي سڏ تي سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي موقعي تي پوليس گردي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. 17 جنوري تي پوليس، رينجرز ۽ سادن ڪپڙن ۾ هٿياربند اهلڪارن سن ۾ سيد جي سالگرهه جي پر امن ميڙاڪي جي موقعي تي فائرنگ، شيلنگ ۽ لٺبازي ڪري ڏهڪاءُ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. جنهن خلاف ايس يو پي، جيئي سنڌ قومي محاذ، جسم ۽ ٻين ڌرين پاران احتجاج جي اپيل ڪئي وئي هئي. سندن سڏ تي مانجهند، سن، نئون ڪوٽ، ٺارو شاهه، نوشهروفيروز، گهوٽڪي، سکر، خيرپور، دادو، ڪراچي اولهه، ملير، ٽنڊومحمد خان سميت مختلف شهرن ۾ جلوس ڪڍي حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي ڪندي چتاءُ ڏنو سائين جي ايم سيد عدم تشدد جو در س ڏنو اسين سندس ڏسيل واٽ تي هلندي سنڌ جي قومي مفادن جي حفاظت لاءِ هر فورم تي آواز اٿارينداسين ۽ حڪومت جي ڪريل حرڪتن کان ڊڄڻ وارا ناهيون.










