ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت مشهور شاعر علامه اقبال جي يوم پيدائش تي سموري صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته 13 نومبر تي ديوالي جي موقعي تي هندو ڪميونٽي لاءِ عام موڪل جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.سنڌ حڪومت طرفان علامه اقبال جي يوم پيدائش جي موقعي تي 9 نومبر تي عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 9 نومبر تي سموري سنڌ جي سرڪاري آفيسن ۾ عام موڪل هوندي. ٻئي طرف سنڌ حڪومت ڏياري جي موقعي تي 13 نومبر سومر تي هندو ڪميونٽي جي لاءِ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت طرفان موڪل جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.










