سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن اندر ڊينگي جا 14 ڪيس رپورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن اندر ڊينگي جا 14 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن تفصيل موجب سنڌ جي صحت کاتي صوبي ۾ ڊينگي جي صورتحال بابت جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ 10، حيدرآباد ۾ 3 ۽ سکر ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو سنڌ جي صحت کاتي ٻڌايو ته آگسٽ مهيني ۾ هن وقت تائين سنڌ ۾ 183 ڪيس رپورٽ ٿيا جن مان ڪراچي مان 148، حيدرآباد 27، ميرپورخاص 3، سکر 3 ۽ لاڙڪاڻي مان هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو، اداري ٻڌايو ته ڪراچي ۾ اوڀر ضلعو سڀ کان وڌيڪ متاثر آگسٽ مهيني ۾ اوڀر ضلعي مان 82 ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته ڏکڻ ضلعي مان 23، سينٽرل ضلعو 21، ملير ضلعو 7، ڪورنگي ضلعو 7، ڪيماڙي ضلعي مان 4 ۽ اولهه ۾ 7 ڪيس رپورٽٿيا اداري جو چوڻهو ته هلندڙ سال ڊينگي جا سڄي سنڌ م 923 ڪيس رپورٽ ٿيا جن مان هڪ به فوتگي رڪارڊ نه ڪئي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو