سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري نامنظور، قومپرستن جو احتجاج

اوٻاوڙو(ن سنڌيار)جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي سڏ تي اوٻاوڙو ۾ مجيد جوڻو جي اڳواڻي ۾ ريلي نڪتي شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي نيشنل پريس ڪلب اوٻاوڙو اڳيان احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي جسم،اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سوچيل سمجهيل سازش آھي اها ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آھي سنڌ امن جي ڌرتي آھي ان موقعي تي جسم اڳواڻ وحيد اوڳاهي عباس علي جسقم اڳواڻ فقير رمضان ڪلوڙ، ڪمال مهر، انڊس ڪانگريس جي بهادر لولائي،ممتاز فاروقي، علي دايو پڻ خطاب ڪيو.   

پهنجو تبصرو موڪليو