سنڌ ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي گهر تي چڙهائي خلاف مظاهرا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ اندر رياستي ادارن پاران جسقم جي اڳوڻي قائم مقام چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي گهر تي پوليس چڙهائي، ڀڃ ڊاهه، عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد ڪندي چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪرڻ واري عمل خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. موري مان اياز سولنگي مطابق جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي گهر تي چڙھائي خلاف آصف راهوجو، بلاول ڏاهري، ايم اسلم ڪوريجو، اشفاق پنھور، خان سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن پاران ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي قاسم آباد واري گهر تي بنا جواز چڙهائي ڪئي، جنهن دوران اهلڪارن گهر اندر ڀڃ ڊاهه ڪرڻ کانسواءِ ڀاتين کي حراسان به ڪيو جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. *** گهوٽڪي مان عرفان علي سومرو ۽ سليم فضل ڪلهوڙو مطابق جسقم اڳواڻ نياز ڪالاڻي جي گهر تي پوليس چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاھ ڪرڻ خلاف جسقم ۽ شهري اتحاد سميت مختلف پارٽي جي اڳواڻن جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج مظاهرو ڪندڙ اڳواڻ نصرالله ڪلادي، حبيب الله گهوٽو، اڪرم ٿهيم، مقصود احمد گهوٽو، لالا قيصر زمان پٺاڻ، سيد جمالدالدين شاھ  ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي مطالبو ڪيو ته جسقم اڳواڻ نياز ڪالاڻي جي گهر تي حملو ڪندڙن خلاف فوري طور ڪارروائي ڪئي وڃي.

*** سڪرنڊ مان راج ڪمار اوڏ مطابق جسقم جي اڳوڻي قائم مقام چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي گهر تي پوليس چڙهائي، ڀڃ ڊاهه، عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد ڪندي چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪرڻ خلاف تعلقي صدر جيئمسٽ مسعود شاهه، مورڙو ميربحر، برڪت جلباڻي، سچل ملاح، جاويد رند جي اڳواڻي ۾ صحافي چوڪ سڪرنڊ تي احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته قومي اڳواڻن مٿان بنا ڪنهن سرچ وارنٽ ۽ ڪيس جي گهرن مٿان چڙهائيون مذمت جوڳو عمل آهن اسين سمجھون ٿا ته 17 جنوري سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي موقعي تي قومي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي هيسائيڻ، کنڀڻ يا گهرن مٿان بنا ڪنهن ڏوھ يا سبب جي چڙهائيون ڪرڻ پٺيان صرف قومي شعور کي سن طرف وڃڻ کان روڪڻ جي سازش آهي ته جيئن سنڌ جي قومي شعور کي منتشر رکي سنڌ دشمن قوتون پنهنجا ناپاڪ مقصد آساني سان پورا ڪري سگهن. *** شهدادڪوٽ مان شاهد اعواڻ مطابق جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي گهر مٿان چڙهائي خلاف پريس ڪلب اڳيان جسقم ڪارڪنن الطاف سومرو، حميد سهاڳ، اسرار سومرو، وقاص قريشي، عرفان بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي .

ان موقعي اڳواڻن پوليس چڙهائي جي مذمت ڪندي چيو ته جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي گهر مٿان چڙهائي ۽ عورتن تي تشدد ڪري گهرڀاتين کي حراسا ڪيو ويو جنهن جي هو سخت لفظن مذمت ڪيون ٿا. *** نوابشاهه مان اي ڪي ڏاهري مطابق جسقم ضلعي شهيد بينظير آباد پاران ضلعي صدر علي رضا خاصخيلي، سرفراز ميمڻ، سيد ناصر شاهه جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته  پارٽي جي اڳوڻي مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي گهر تي پوليس ۽ اينجنسين چڙهائي ڪري رياستي دهشتگردي ڪئي آهي انهي جي گهر ۾ ذاتي ليبرري جا ڪتاب کڻي ويا آهن جيڪو ڪُڌو عمل آهي جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا جنهن جي لاءِ اسان 17 جنوري تي سن ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگره جي موقعي تي رياستي دهشتگردي جي واقعن جا ڪرتُوت ظاهر ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو