ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران صوبائي وزير تعليم رانا حسين چيو آهي ته پرائمري تعليم جي معيار ۾ بهتري، پوسٽ پرائمري تعليم، اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي اسڪولن ۾ واپسي، ڇوڪرين جي تعليم ۽ استادن جي پيشيوراڻي ڊيولپمنٽ اسان جي اولين ترجيحن۾ شامل آهن. اسان عالمي ادارن سان ڀائيواري جي عمل ۾ واضح حڪمت عملي سان ئي تعليم جي ترقي جي شروعاتن ۾ بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهون ٿا. هن اها ڳالهه اڄ گلوبل پارٽنرشپ آف ايجوڪيشن (جي پي اي) جي وفد سان ملاقات دوران چئي. وفد ۾ جي پي اي جي چيف فنانشل آفيسر MR. PADRAIG POWER ۽ ڪنٽري ٽيم ليڊر HOA TRAN RINGROSE شامل هئا. ان موقعي تي سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن سنڌ شيرين ناريجو، سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن سنڌ صدف انيس شيخ، ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فوزيه خان پڻ شرڪت ڪئي. وفد سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير رانا حسين کي گلوبل پارٽنرشپ آف ايجوڪيشن جي مختلف پروگرامن بابت بريفنگ ڏني. سنڌ جي تعليم واري وزير رانا حسين چيو ته تعليم جي شعبي لاءِ ڪم ڪندڙ ڀائيوارن سان گڏجي پهرين ترجيحن جو تعين ڪرڻو پوندو. پرائمري تعليم جي معيار ۾ بهتر ي، پوسٽ پرائمري ايجوڪيشن، اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي اسڪولن ۾ واپسي، ڇوڪرين جي تعليم ۽ استادن جي پروفيشنل ڊيولپمنٽ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن. صوبائي وزير رانا حسين چيو ته هڪ ئي وقت مختلف شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ سان ڪافي نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ وڌيڪ وقت لڳندو آهي. ترجيحن جي بنياد تي پارٽنر سان گڏجي ضروري قدم کنيا وڃن ته جيئن بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن. ان موقعي تي وفد سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير کي تعليم جي ترجيحن جي بنياد تي پنهنجي پارٽنرشپ تعاون وڌائڻ جو يقين ڏياريو. ملاقات ۾ تعليم واري صوبائي وزير راڻا حسين ۽ وفد وچ ۾ ٻوڏ متاثر اسڪولن جي بحاليءَ ۾ تعاون تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.










