سنڌ ۾ مهانگائي،پيٽروليم شين ۽ بجلي بلن خلاف احتجاج

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)مٺياڻي ڀرسان ٺٽ ڳوراهو ۾ شھري وڌندڙ مهانگائي خلاف روڊن تي نڪري آيا وڌندڙ مهانگائي خلاف سخت احتجاج ،احتجاج ۾ دوڪاندان،مزدورن، صحافين سميت قوم پرست پارٽين جي اڳواڻن۽ هر طبقي جي ماڻھن جي وڏي انگ ۾ شرڪت بجلي ،گئس ،پئٽرول جا اگھ نامنظور ،غريبن تي ظلم بند ڪيو ،غريبن کان جيئڻ جو حق نه کسيو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا ،ريلي ڪوڙي جا ڀاڻ ٺٽ ڳوراهو روڊ کان ٿيندي پانڌي جي اسٽاپ چوڪ وٽ پهتي جتي ريلي کي اڳواڻن سينئر صحافي ۽ جسٽس آف پيس لالا حسن پٺاڻ زاهد پنهور ،صوفي خالد چنا ،سرائي ظفر کوکر،ظمير کوکر ،ايڊوڪيٽ حبدار ملاح خطاب ڪندي چيو ته مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي غريب پورهيت ۽ ڏهاڙي دار طبقو ٻن ويلن جي ماني کان محروم ٿي ويو آھي مهانگائي سبب ماڻھو پنهنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور ٿي ويا آھن ۽ خودڪشيون ڪري رهيا آھن اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بجلي ،گئس ۽ پئٽرول جا وڌايل اگھ واپس ورتا وڃن عام واهپي جون شيون ۽ کاڌ خوراڪ تي ٽيڪس ختم ڪري غريبن کي رليف ڏنو وڃي

دادو:
بجلي جي اگهن ۾ واڌ نامنظور واپارين واڌو ٽيڪسن کي رد ڪري ڇڏيو دادو ۾ چيمبر آف ڪامرس جي سڏ تي گل حسن پنهور، بابن سرهيو، موبائل مارڪيٽ ايسوسيئيشن مظهر جتوئي، اقبال قريشي، حامد شاھ، فاروق احمد خشڪ ۽ ٻين سماجي اڳواڻن پاران هٿرادو مهانگائي پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ۽ بجلي جي بلن ۾ واڌو ٽيڪسن خلاف شٽر بند هڙتال ڪري پريس ڪلب دادو اڳيان پر امن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين ميڊيا اڳيان احتجاج ڪندي دانهيو ته بجلي جي واڌو بلن، ڳرن ٽيڪسن سميت بجلي جي لوڊشيڊنگ،پئٽرول ۽ ڊيزل جي اگھن ۾ واڌ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف دادو جي واپارين جي سڏ تي دادو جا شهري دڪاندار، سول سوسائٽي جي اڳواڻن سميت شٽربند هڙتال ڪري شھر جو مکُ ڪاروبار مڪمل طور بند ڪيو ھڙتال سبب دادو شھر جون مکُ ڪاروباري بازارون شاھي بازار، اسٽيشن روڊ، سول اسپتال روڊ، مڇي مارڪيٽ،ڪچهري روڊ،موبائيل مارڪيٽ بند رهيا شهر جا واپاري ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪاروبار بند ڪري پريس ڪلب دادو اڳيان ريلين جي صورت ۾ پهتا جتي مظاهرين ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪندي نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هن وقت غريب ماڻهو ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن مٿان وري تاجر برادري ۽ واپاري طبقي مٿان واڌو بل ۽ ٽيڪس مڙهي ظلم ڪيو ويو آهي جيڪو جلد واپس ڪيو وڃي ۽ غريبن ماڻهن کي رليف ڏنو وڃي
دڙو:
دڙو ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف نٽھڻ اُس ۾ ٽرانسپورٽر ۽ شهري روڊن تي نڪري آيا، نگران حڪومت خلاف سخت احتجاج، نعريبازي، فوري طور تي اگھ گھٽائي عوام کي رليف ڏيڻ جو مطالبو، تفصيل موجب دڙو ۾ ٽرانسپورٽرن ۽ شهرين سليم سومرو، اڪبر ميمڻ، کمن سولنگي، واجد جوڻيجو، محمد حسن ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بس اسٽاپ تي احتجاجي مظاهرو ڪري نگران حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ھنن چيو تہ پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگھ وڌڻ سان مهانگائي ۾ ويتر اضافو ٿيندو، غريب ماڻهو ٻہ ويلا ماني لاءِ پريشان آهي، ھنن چيو تہ حڪمرانن عوام کان وات جو گرھ کسي ورتو آهي، بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون، خدارا پيٽرول سميت عام واهپي جي شين جا اگھ گهٽائي عوام کي رليف ڏنو وڃي.

ٽنڊو محمد خان ؛
شيخ ڀرڪيو جي شهر ڊگھ موري جي ٽيڪسي ڊرائيورن ر۽ رڪشا وارن پاران نگران حڪومت پاران پيٽروليم مصنوعات قيمتن ۾ اضافي خلاف احتجاج ڪيو ٽيڪسي ڊرائيورن ۽ رڪشا وارن نظيراحمد نظاماڻي وحيد خاصخيلي سرفراز ملاح محمد سليم نظاماڻي ياسين بروهي ۽ ٻين پاران احتجاج دوران ڳالهائيندي چيوته پهريان ئي پيٽروليم ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي اسان کي ڪنگال بڻائي ڇڏيو هو ويتر نگران حڪومت ايندئي ئي اسان مٿان پيٽرول بم ڪيرائي اسان کي مرڻ جهيڙو ڪري ڇڏيو آهي انهن چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافو ڪري اسان کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي اسان مونجهاري جو شڪار بڻجي ويا آهيون اسان سڄو ڏين ٽيڪسي اسٽاب تي بيهي بيهي بکون ڪاٽي ڪاٽي واپس هليا وڃون ٿا ڪو ڪرايو نه ٿو انهن چيو ته پهريان ڀاڙا لڳندا هئا ته دڪاندار به اسان کي سامان سبزي وغيره اڌر تي ڏيندا هئا هاڻ ڀاڙا نه لڳڻ ڪري دڪاندار ۽ سبزي وارا اڌرڏين ئي نٿا اسان جا ٻچا هڪ ويلو کائين ٿا ته هڪ ويلي لا۽ پريشان آهيون احتجاج ڪندڙن نگران حڪومت کان پرزور مطالبو ڪندي گهر جئي ته پيٽرول ۽ مصنوعاتي شين جا اگھ گهٽائي اسان کي فاقاڪشي کان بچايو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو