سنڌ ۾ غير قانوني رهندڙ پرڏيهين کي واپس موڪلڻ جو فيصلو

سنڌ ۾ غير قانوني رهندڙ پرڏيهين کي واپس موڪلڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ۾ غير قانوني ڌارين جي واپسي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ امن امان بابت اهم اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ٻين ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ايندڙ 15 ڏينهن تائين اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته دهشتگرد تنظيمون ٻيهر ملڪ ۾ امن امان کي خراب ڪرڻ چاهين ٿيون.مراد علي شاهه انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ملڪ، صوبي ۽ شهرن ۾ ٻيهر دهشتگردن کي اڀرڻ نه ڏينداسين.هن چيو ته سموريون انٽيليجنس ايجنسيون روزاني جي بنياد تي هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهن، پوليس ۽ رينجرز اسٽريٽ ڪرائم خلاف سخت ڪارروائي ڪن.سنڌ جي وڏي وزير ڊي جي رينجرز کي هدايت ڪئي آهي ته شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي گشت ۽ نگراني کي وڌايو وڃي. مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته پوليس، رينجرز کي اهم هنڌن تي مقرر ڪيو وڃي، جتي ڏوهاري وڌيڪ سرگرم آهن، ڊسمبر ۾ ڦر دوران 7 قتل ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو