سنڌ ۾ شهرين لاءِ ويڪسينيشن لازمي قرار

ڪراچي (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) سنڌ حڪومت صوبي جي هر شهري جي لاءِ ڪورونا ويڪسينيشن کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. ترجمان موجب سنڌ جي وڏي وزير ان دوران صوبي جي هر شهري لاءِ ڪورونا ويڪسين کي لازمي قرارڏيندي چيو ته اسان کي ڪجهه اهم قدمن ذريعي پنهنجي شهرين کي محفوط رکڻو آهي.وڏي وزير صحت کاتي کي صوبي جي هر هنڌ تي ويڪسينيشن جي سهوليت مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 300 بنيادي يونٽس قائم ڪيا ويندا. جنهن کي ويڪسينيشن سينٽرز قرار ڏنو وڃي. جتي روزاني جي بنياد تي 30 هزار شهرين کي ويڪسينيشن ڪئي وڃي. ان کان علاوه وڏي وزير صحت کاتي کي تعلقي جي ليول تي موبائيل ويڪسينيشن ٽيمون به ٺاهڻ جي هدايت ڪئي آهي.مراد علي شاهه چيو ته اسان وٽ 605 تعلقا آهن. جتي روزاني لازمي 60 هزار ماڻهن کي ويڪسينيشن ڪئي وڃي. جڏهن ته خانگي اسپتالن کي به اهو حڪم ڏنو وڃي ته هو روزاني جي بنياد تي 10 هزار ماڻهن جي ويڪسينيشن ڪن. وڏي وزير صحت واري وزير کي هدايت ڏني ته وڌيڪ خانگي اسپتالن کي ويڪسينيشن جي لاءِ رجسٽرڊ ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو