سنڌ ۾ افغانين جي آبادڪاري خلاف علامتي بک هڙتال

حيدرآباد(بيورو رپورٽ)قومي عوامي تحريڪ پاران اياز لطيف پليجي جي اڳواڻي ۾ افغانين جي آبادڪاري،زمينن تي قبضن، وفاق پاران 16 هزار ملازمن کي نوڪرين تان برطرف ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ پاڻي تي ڌاڙي  خلاف پريس ڪلب سامهون علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. اياز لطيف پليجي چيو ته قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ ۾ افغان پناهگيرن جي آبادڪاري پاڻي جي کوٽ، ملازمن جي برطرفين سميت ٻين مسئلن خلاف پهرين سيپٽمبر کان پورو مهينو احتجاجي مظاهرن ۽ ڌرڻن جو اعلان ٿي ڪري. هن چيو ته وفاق سنڌ جي 16 هزار ملازمن کي فوري طور بحال ڪري، ارسا سنڌ جي حصي جو پاڻي پنجاب کي فراهم ڪرڻ بند ڪري. سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي جي ڪوشش بعد وفاق سنڌ جا ملازم بي دخل ڪري ڇڏيا آهن، ملازمن کي فوري طور بحال ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته سموريون پارٽين کي اپيل آهي ته هو افغان پناهگيرن جي آبادڪاري خلاف ڏنل احتجاج واري سڏ ۾ گڏ ٿين ته جيئن ڌارين جي يلغار کي روڪرائي سگهجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو