اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ڪارروائيون، 15 جوابدار گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) رينجرز سنڌ جي مختلف علائقن ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ڪاررواين دوران 15 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي رينجرز جي ترجمان موجب حب چوڪي ۽ جيڪب آباد جي عبدالجبار چيڪ پوسٽ وارن علائقن ۾ ڪارروائيون ڪيون ويون ڪارروائين دوران 6 هزار 50 لٽر ايراني تيل، سگريٽ، کاڌي پيتي واريون نان ڪسٽم پيڊ شيون ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو اسمگلنگ ۾ استعمال ٿيندڙ 2 گاڏيون، هڪ ڪنٽينر، 3 بسون، 8 مزدا، 2 ٽرڪون ۽ هڪ آئل ٽينڪر به تحويل ۾ ورتا ويا گرفتار ڪيل جوابدارن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ هٿ آيل سامان سوڌو ڪسٽم اختيارين جي حوالي ڪيو ويو

پهنجو تبصرو موڪليو