سنڌ ڪابينا اهم فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي

سنڌ ڪابينا اهم فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪميشن فار دي پروٽيڪشن آف جرنلسٽ اينڊ ميڊيا پريڪٽشنرز، سينيئر سٽيزن ڪارڊ، وليج اليڪٽريفڪيشن جي تحت مختلف ڳوٺن جي سولر انرجي تي منقلي جي منظوري سميت ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن. سنڌ ڪابينا جي اجلاس بابت سنڌ آرڪائيوز ڪمپليڪس ۾ ميڊيا بريفنگ ڏيندي هن ٻڌايو ته جسٽس (ر) رشيد اي رضوي کي صحافين جي تحفظ لاءِ ڪميشن جو چيئرمين بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته اي پي اين ايس مان قاضي اسد عابد، پي ايف يو جي جي فهيم صديقي، سي پي اين اي جي ڊاڪٽر جبار خٽڪ، پي بي اي مان اطهر قاضي، سنڌ بار ڪائونسل جي اياز تنيو، هيومن رائيٽس ڪميشن جي پروفيسر توصيف احمد، اي پي اين اي سي جي غلام فريد الدين، ايم پي اي شازيه عمر، ايم پي اي سيده ماروي فصيح سميت اطلاعات، گهرو، قانون ۽ انساني حقن جي سيڪريٽرين کي ڪميشن ۾ ميمبر طور شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هن چيو ته سنڌ ڪابينا سينيئر سٽيزن لاءِ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏني آهي، جنهن تحت 60 سالن کان وڌيڪ عمر جي شهرين کي مختلف سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته اڄوڪي اجلاس۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا ۽ ڪميٽيون جوڙيون ويون. هن چيو ته متاثر هر هاري کي 5 هزار رپيا في ايڪڙ گرانٽ ڏني ويندي، ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت 20 لک هارين کي اها گرانٽ ڏيندي. ان سان هارين کي ايندڙ فصل لاءِ ٻج، ڀاڻ سميت زمين جي تياري ۾ مدد ملندي. صوبائي وزير چيو ته اها سبسڊي زميندارن کي نه پر رڳو هارين کي ڏني ويندي. ڇاڪاڻ ته هاري زميندار سان ڀائيوار طور شامل ھوندا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي دل کولي مدد ڪئي آهي، جنهن جي مثال پوري دنيا ۾ نٿي ملي. جنهن جو ڪريڊٽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي وڃي ٿو، جيڪي سنڌ حڪومت کي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ هدايتون ڏيندا رهيا. هن چيو ته متاثر علائقن جي شفاف طريقي سان سروي ڪيو آھي، جنهن کي وڊيوز ذريعي ڊاڪيومنٽ ڪيو ويو. اين ڊي ايم اي، پاڪ فوج، اين جي اوز، ۽ سول سوسائٽي جي ذريعي اھڙو وڏو ٽاسڪ مڪمل ڪيو ويو. هن چيو ته سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز جي به منظوري ڏني وئي آهي. جنهن تحت متاثرين کي گهرن جي تعمير لاءِ مدد ڏني ويندي. جن جا گهر جزوي يا مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن ان مطابق متاثرن جي مدد ڪئي ويندي. ملڪ جي موجوده صورتحال بابت ھن ٻڌايو ته ملڪ جون حالتون سڀني جي سامهون آهن، ھڪ شخص جيڪو ڪڏهن مني لانڊرنگ ۽ فارين ۾ پڪڙيو ويو، جنهن تي فيصلا به اچي ويا آهن اسرائيل ۽ ڀارت کان فنڊنگ وٺندو رهيو، ان شخص پيسن جي حوس ۾ قيمتي گهڙي سستي اگهه ۾ وڪرو ڪري ڇڏي، عمران ٻڌائي ته ان وٽ قيمتي گهڙيون خريد ڪرڻ جي رقم ڪٿان آئي، جڏهن ته سندس گوشوارن ۾ ٻڌايل ملڪيت جي تفصيل مان خبر پوي ٿي ته ان وٽ ته گهڙي خريد ڪرڻ جي طاقت ئي نه هئي. هن چيو ته فرنٽ ليڊي ڪير هئي، ان جي سڀني کي خبر آهي. جنهن پنجاب ۾ تحصيلدار کان وٺي ڪري ايس ايس پي مقرر ڪرڻ جا ريٽ فڪس ڪري ڇڏيا هئا. تحريڪ انصاف جي حڪومت وڃڻ جي بعد جيڪڏهن ايتري ايماندار عورت هئي ته ڇو پاڪستان کان ٻاهر ڀڄي وئي. هن چيو ته ٻاهر ويهي ڪري هو عورت اڃان به ريڪٽ هلائي رهي آهي ۽ پنجاب ۾ ٽرانسفر پوسٽنگ جا پيسا ٻاهر وڃي رهيا آهن. هن چيو ته هي شخص مسلسل يوٽرن وٺندو رهيو آهي سائفر جي معاملي تي ڇهه، اٺ مهينا قوم کي بيوقوف بڻايو- پرچا ڦرڪائيندو رهيو، هاڻي چوي ٿو ته اھا پراڻي ڳالهه آهي، هن چيو ته آمريڪا جي باري۾ پوري قوم جي دل ۾ بغاوت پيدا ڪئي. هن چيو ته لانگ مارچ ناڪام ڏسي ڪري سيف ايگزٽ ڳولڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو. وڌيڪ چانسز ان ڳالهه جا آهن ته عمران خان پاڻ تي حملو ڪرائڻ جو ڊرامو رچايو. هي ڪو جيمس بونڊ آهي ته چار گوليون لڳڻ بعد 150 ڪلو ميٽر پري لاهور هليو ويو. ڪڏهن چون ٿا ٻه گوليون ڪڏهن چون ٿا ته چار گوليون لڳيون آهن. هن چيو ته وفاقي گهرو وزير رانا ثناء الله کي درخواست ڪيان ٿو ته وفاقي ميڊيڪل بورڊ ٺاهي. ڪنهن کي اپيل نه ڪري، پاڻ ان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ته جيئن خبر پوي ته ھن کي ڪيتريون گوليون لڳيون آهن. هن چيو ته عمران خان سڀني کي تڪراري بڻائڻ چاهي ٿو. هن اليڪشن ڪميشن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته هن پاڻ اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪيو هو. عمران خان عدالتن کي تڪراري بڻائ…

پهنجو تبصرو موڪليو