سنڌ ڪابينا پاران ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي منظوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا ڌاڙيلن خلاف ڀرپور آپريشن جي منظوري ڏيندي آءِ جي سنڌ پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته ڌاڙيلن جي خاتمي تائين آپريشن جاري رکيو وڃي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيل ڪابينا جي اجلاس ۾ ارسا پاران سنڌ کي حصي کان گهٽ پاڻي ڏيڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته اها سنڌ دشمني آهي، جنهن خلاف آواز اٿاريو ويندو. وڏي وزير جي ميڊيا ڪنسلٽنٽ عبدالرشيد چنا موجب ڪابينا ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ پوليس جي اهلڪارن کي فوري ويڪسين لڳائي وڃي ۽ ميڊيڪلجي شعبي جيان ترجيحي بنياد تي پوليس کي اها سهولت ڏني وڃي ان ۾ عمر جو شرط مٿن لاڳو نه ڪيو وڃي. ڪابينا، سنڌ ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽ انسٽيٽيوٽ جي بورڊ آف ٽرسٽيز جي منظوري پڻ ڏني. ڪابينا ليٽر آف ايڊمنسٽريشن اينڊ سڪسيشن سرٽيفڪيٽ رولز 2021 جي منظوري ڏئي ڇڏي. کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي حقن بابت ترميمي مسودو منظور، يونيورسٽي اينڊ بورڊز کي هدايت ڪئي ته انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن (بي آءِ ايس اِي) سکر، ميرپور خاص ۽ شهيد بينظيرآباد جي چيئرمينز جي ڀرتي جو اشتاهر جاري ڪيو وڃي. جڏهن ته ڊاڪٽر محمد ميمڻ کي حيدرآباد، سيد مجتبيٰ شاهه سکر، برڪت علي حيدري ميرپور خاص جي چيئرمينز کي نوان چيئرمين مقرر ٿيڻ تائين مدت ۾ ٽن مهينن جي واڌ جي منظوري ڏني وئي. محمد فاروق حسن کي هٽايو ويو، ڪراچي بورڊ م سيد سرف علي شاهه کي مقرر ڪيو ويو. ڪابينا جسٽس (ر) نثار محمود شيخ کي بظور ماحوليات جي تحفظ واري ٽريبونل جو چيئرمين، عبدالرئوف ميمبر ٽيڪنيڪل ۽ محمد عارف ميمبر ليگل مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني.  ڪابينا ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪميٽي ڪراچي اولهه، اوڀر، ڪياماڙي، ملير، سينٽرل، ڏکڻ ۽ ڪورنگي جي صفائي ڪرڻ ۽ ڪچرو کڻڻ جا اختيار سنڌ سالڊ ويسٽ مينجيمينٽ ڪي منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني، ان سان گڏوگڏ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن، قاسم آباد، ڪوٽڙي، ٽنڊو الهيار جا اختيار، عملو ۽ آفيس سنڌ سالڊ ويشت مينيجمينٽ حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا سنڌ فنڊ مينيجمينٽ هائوس بل 2021 جي منظوري ڏني. هن فنڊ ۾ ڏيڍ ارب روپيا جمع آهن جنهن جي سيڙپڪاري ڪئي ويندي. ڪابينا دوائن ۽ طبي ساز و سامان جي خريداري جي به منظوري ڏني. سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي لاءِ اسٽاف 147 مان گهٽ ڪري 124 ڪرڻ جي منظوري ڏني،  ڪابيان ورڪرز ويلفيئر فنڊ جون مختلف صنعتن ڏانهن رهيل 2 ارب روپيا 18 جون تائين بنا ڏنڊ جي ادائگي جي منظوري به ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو