سنڌ کي مھانگائي، غربت، بيروزگاري، بدامني جي چڪي ۾ پيسيو پيو وڃي

حيدرآباد (ن س )قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي مھانگائي، غربت، بيرزگاري، بدامني ۽ منشيات جي چڪي ۾ پيسيو پيو وڃي. سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آھي، تيل، گئس، ڪوئلو ۽ ٻي معدنيات آھي، زراعت، سمنڊ ۽ بندرگاھ آھن، اھڙن وسيلن وارا ملڪ ترقي يافتہ ۽ خوشحال آھن پر سنڌ جا ماڻهو بدحال، غربت واري زندگي گذاري رهيا آهن.اياز لطيف پليجي چيو تہ سدائين سنڌين جي پٺي ۾ خنجر ھنيا آھن. سنڌ ۾ ترقي جي رفتار گھٽ آھي۔ سنڌ جي قدرتي وسيلن جي ڪمائي سنڌ جي ماڻھن جي ترقي ۽ بنيادي حقن تي خرچ نہ ٿي رھي آھي، غربت جي شرح وڌي وئي آھي۔ معاشي پاليسيون غريب عوام لاء ڪابہ خوشحالي نہ آڻي رھيون آھن. پيپلز پارٽي سنڌ کي سدائين ڪارڊ طور استعمال ڪيو آهي، اقتدار ۽ اچڻ کان پوءِ انتھائي بي رحمي سان سنڌ کي لٽيو ۽ برباد ڪيو آھي سنڌ جا ماڻھو پنھنجي ڌرتي وسيلن، تعليم، ميريٽ ۽ ماڻھن جي مالڪي لاءِ ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي کي شڪست ڏئي سنڌ دوست ماڻهن کي چونڊين .اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ سنڌي ماڻھن کي پنھنجا جائز حق ڏنا وڃن روزگار جا وسيلا پيدا ڪيا وڃن ۔ اٽو، چانور، دال ۽ کاڌي پيتي جون شيون ايتريون سستيون ڪيون وڃن جو مزدور، ھاري ۽ غريب ماڻھو آساني سان خريد ڪري سگھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان جو ملڪ زرعي ھجڻ باوجود الميو آھي جو غربت ۽ مھانگائي جي ڪري لکين ماڻھو 2 وقت ماني لاء پريشان آھن۔ کاڌي پيتي جا اگھ اميرن جي پھچ وارو نہ ڪيو وڃي، اھو سبسڊي ڏئي ايترو سستو ڪيو وڃي جو ڪنھن ماء جي ٻچن کي بکيو نہ سمھڻو پوي۔ ڪو ٻہ وقت ماني لاء ڪنھن جي اڳيان ھٿ نہ ڦھلائي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو