حيدرآباد (ن س ) سنڌ کي سازش تحت غير قانوني غير ملڪين جي محفوظ آماجگاھ بنايو ويو آھي. غير قانوني افغانين خلاف اثرائتو آپريش ڪيو وڃي. سنڌ اندر سمورن ضلعن جي انتظاميا رشوت عيوض غير قانوني افغانين کي ڇڏي ڏئي ٿي. سنڌ مان صرف ڪجھ سئو غير قانوني افغاني ئي واپس موڪليا ويا آھن. وفاقي حڪومت سنڌ مان افغانين جي نيڪالي نٿي چاھي. سنڌ جي نگران حڪومت پيپلز پارٽي سرڪار جو تسلسل آهي. پيپلز پارٽي سرڪار جيان موجوده نگران سرڪار به غير قانوني غير ملڪين جي سھولتڪار آھي. ڪراچي سميت وڏن شهرن مان نيڪالي جي خوف کان نڪري غير قانوني افغاني ڪوٽڙي سميت مختلف ڳوٺن جو رخ ڪري رهيا آهن. اھڙن خيالن جو اظھار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ نور نبي پليجي پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آھي. ھنن چيو تہ سنڌ مان ھن وقت تائين صرف 737 افغاني ئي واپس موڪليا ويا آھن. جڏھن تہ سکر، ميرپورخاص، لاڙڪاڻي ۽ نوابشاھ جھڙن وڏن شھرن مان ھڪ بہ غير قانوني افغاني واپس ناھي موڪليو ويو آھي. سنڌ ۾ سڀ کان گھڻا افغاني ڪراچي ۾ رھن ٿا. ڪراچي ۾ غير قانوني افغانين جي نيڪالي لاءِ ڪو بہ قدم ناھي کنيو ويو. ھنن چيو تہ غير قانوني افغانين جي حمايت ملڪ دشمني آھي. انساني حقن جي ڪوڙن نعرن جي آڙ ۾ دھشتگردن جي حمايت قبول ناھي. افغانين کي سنڌ مٿان مسلط ڪيو ويو آھي. غير قانوني افغاني ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻيل آھن. ملڪي معشيت جي سڌاري ۽ ملڪ جي خوشحالي لاءِ افغانين سميت سمورن غير قانوني غير ملڪين کي نيڪالي ڏني وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته غير قانوني افغانين کي مقامي پوليس ۽ انتظاميا رشوت عيوض کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي. وڏن شهرن مان نڪري غير قانوني افغانين سنڌ جي ڳوٺن جو رخ ڪيو آهي. غير قانوني غير ملڪين جي واپسي لاءِ جلد وڏو آپريشن ڪيو وڃي.
