ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڏوهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ وفاقي حڪومت کان مدد طلب ڪندي ايف آءِ اي کي درخواست ڪئي آهي ته 57224 مفرور ڏوهارين جا نالا ملڪ کان ٻاهر وڃڻ تي پابندي واري لسٽ (اي سي ايل) ۾ شامل ڪريو. سنڌ حڪومت نادار کي درخواست ڪئي آهي ته انهن ڀاڳوڙن ملزمن جا شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪيا وڃن. سنڌ پوليس جي ليگل برانچ جي هڪ سينئر آفيسر موجب سنڌ پوليس ان سلسلي ۾ ٻنهي وفاق ادارن کي خط لکي ڇڏيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته سنڌ ۽ خاص ڪري ڪراچي ۾ ڏوهن بالخصوص اسٽريٽ ڪرائيمز ۾ گهڻي ڀاڱي اهي روپوش ڏوهاري ملوث آهن. تازو سنڌ هاءِ ڪورٽ پڻ پوليس کان تفصيل طلب ڪيا هئا ۽ عدالت م پيش ڪيل انگن اکرن موجب سنڏ جي 57 هزار کان وڌيڪ استحارين مان 22171 جو تعلق رڳو ڪراچي سان آهي. رپورٽ موجب انهن مفرور ڏوهارين مان 1347 ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ ڪيس هلندڙ آهن ۽ ٻيا مختلف عدالتن کي گهربل آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آحي ته 7044 ڀاڳوڙن جا ڪيس حيدرآباد، ميرپورخاص، بينظيرآباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزنن جي دهستفردي ٽور عدالتن کي گهربل آهن جڏهن ته ٻين مفرورن جا ڪيس مختلف عدالتن ۾ هلندڙ آهن. ان ڏس ۾ ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته اي سي ايل ۾ نالا داخل ڪرڻ ۾ هڪ مهينو لڳي سگهي ٿو.
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، پرڏيهي آفيس
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران
پنجاب جي ضمني چونڊ، 10 ضلعن ۾ قلم 144 لاڳو
ورلڊ اوپن اسڪواش: پاڪستان جو حمزه خان مين ڊرا ۾ شامل
سلمان خان جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي سخت
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب ميچ ڪينسل