سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس ۾ سيمينار، جديد ترقي،ايپليڪيشنن تي ڌيان ڏيڻ تي زور

لاڙڪاڻو(ن س) سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس لاڙڪاڻو ۾ ڪميپوٽر سائنس جي بئنچ 2ڪي 20 طرفان وائرليس سينسر نيٽ ورڪ بابت آگاهي ڏيڻ جي لاءِ هڪ ڏينهن جو انتهائي معلوماتي ۽ دلچسپ سيمينار پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه جي صدارت هيٺ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪميپوٽر سائنس جي سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر ڊاڪٽر نديم احمد ڪناسرو وائرليس سينسر نيٽ ورڪ جي دنيا ۾ قيمتي بصيرت مهيا ڪندي جديد ترقي ۽ ايپليڪيشنن تي ڌيان ڏيڻ تي زور ڏنو. سندس جو چوڻ هو ته جديد ٽيڪنالاجي ترقيءَ سبب وائرليس سينسر نيٽورڪ عام ٿي چڪو آهي، ماحولياتي نگراني، سپورٽ ۽ ڪم جي شعبن کي خودڪار ڪرڻ لاءِ مختلف قسم جون ايپليڪيشنون ٺاهيون وڃن ٿيون، هي تمام پرعزم ٽيڪنالاجي سينسر نوڊ آرڪيٽيڪچر، رن ٽائم سميت ڪيترن ئي موروثي رڪاوٽن کي منهن ڏئي ٿي. سيشن دوران ڊاڪٽر نديم ڪناسرو WSNS جون ايپليڪيشنون، ايڊهاڪ نيٽ ورڪن جو مقابلو، ٽوپولوجي، WSNS جي تاريخ، خاصيتون، ڊيزائن چيلنجز، آپريشنل چئلينجز سميت WSNS جا عملي چئلينج سميت ٻين شين بابت تفصيلي آگاهي ڏني. ان سان گڏوگڏايريا مانيٽرنگ، هيلٿ ڪيئر مانيٽرنگ، هيبيٽيٽ مانيٽرنگ، انوائرمينٽل/ ارٿ سينسنگ، ايئر ڪوالٽي مانيٽرنگ، فاريسٽ فائر ڊيٽيڪشن، لينڊ سلائيڊ ڊيٽيڪشن، واٽر ڪوالٽي مانيٽرنگ، قدرتي آفتن جي روڪٿام، مشين هيلٿ مانيٽرنگ، ڊيٽا لاگ. , واٽر/ويسٽ واٽر مانيٽرنگ، اسٽرڪچرل هيلٿ مانيٽرنگ، خطرن جي نشاندهي، ٽريفڪ مينيجمينٽ ۽ مانيٽرنگ بابت به ڳالهايو. ان موقعي تي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه صدارتي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻو تعليمي مهارت جي ماحول کي فروغ ڏيڻ ۾ ڪوشان آهي، شاگردن ۽ شاگردياڻين کي جديد ٽيڪنالوجي ۾ اڳتي آڻڻ لاءِ مخلتف سيمينار ڪرايا پيا وڃن. هي دور ٽيڪنالوجي جو آهي هن وقت هر شيءِ آن لائين ٿيندي پئي وڃي. شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مستقبل جي لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻو پوندو. آخر ۾ پرو وائيس ڊاڪٽر اظهر علي شاهه وائرليس سينسر نيٽ ورڪ جي شعبي ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي ڊاڪٽر نديم احمد ڪناسرو کي اعزازي شيلڊ ڏني، ان کان علاوه ڪوالٽي اينهانسمينٽ سيل (QEC) جي ڊائريڪٽر عبدالله نياز شيخ سيمينار جي صدارت ڪرڻ تي ڊاڪٽر اظهر علي شاهه کي شيلڊ آف ريڪگنيشن ايوارڊ ڏيندي ٿورا مڃيا. سيمينار ۾ سڀني شرڪت ڪندڙن کي سرٽيفڪيٽن سان پڻ نوازيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو