سنڌ يونيورسٽي جي فيس ۾ واڌ جو فيصلو واپس ڪريو

شهدادڪوٽ( ڊ  ر )سنڌ ترقي پسند اسٽوڊنٽس فيڊريشن ( ستاف ) پاران سنڌ يونيورسٽي جي  فيس ۾ واڌ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ستاف جي سڏ تي سنڌ يونيورسٽي  پاران فيس ۾ واڌ خلاف ضلعي صدر اسد سولنگي، علي مگسي، غوث بخش مگسي، رشيد مگسي، ذيشان ڪارڙو، سرائي شاهد مستوئي، عبدالله سنڌي، اظھر بلوچ، مظھر بروهي، اعجاز مگسي، بلال مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ڪوٽوموٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهيندي چيو ته جاگيردار طبقي جي نمائنده پي پي سرڪار سنڌ جي غريب شاگردن کي تعليم کان محروم ڪرڻ لاء فيس ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري تعليم دشمن، سنڌ دشمن ۽ شعور دشمن عمل ڪيو آھي، جنهن جي مذمت ڪيون ٿان هنن چيو ته يونيورسٽي جي فيس ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪنهن به صورت ۾ برداشت ناهي. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ستاف جو مقصد شاگردن جي حقيقي ۽ بنيادي مسئلن جي حل لاء عملي جدوجهد ڪرڻ آھي. هنن مطالبو ڪندي چيو ته واڌو فيس کي واپس وٺي غريب شاگردن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو