هاءِ ڪورٽ پاران 2010 کان ڪچن قيدين جو رڪارڊ طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بئنچ  سڄي سنڌ جي جيل ۾ قيد 2010 کان هلندڙ ڪيسن ۽ ڪچن  قيدين (انڊر ٽرائيل)  جي ڪيسن بابت رپورٽ طلب ڪئي آهي. عدالت غير سزا يافته يعني ڪچن قيدين جي ضمانتن وارين درخواستن، 50 سيڪڙو سزا مڪمل ڪندڙ  قيدين ۽ 2010ع کان ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جا تفصيل  به طلب ڪري ورتا آهن.  عدالت اهڙو حڪم خميس تي  انڊر ٽرائيل قيدين جي ڪيسن جي تڪڙي اڪلاءَ ۽ سندن ضمانت بابت جبران ناصر پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. انساني حقن جي اڳواڻ جبران ناصر درخواست ۾ موقف اختيار اختيار ڪيو آهي ته اهڙا قيدي جيڪي مقرر ڪيل سزا کان وڌيڪ عرصو جيل ۾ گذاري چڪا آهن انهن کي آزاد ڪيو وڃي. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 10 تحت شفاف ٽرائل هر شهري جو حق آهي.  انڊر ٽرائيل قيدين جا ڪيس تيزي سان هلايا وڃن. درخواست مطابق سزا يافته قيدين کان وڌيڪ ڪچا قيدي  جيل ۾ قيد آهن. ايڇ آر سي پي مطابق سنڌ جي 25 جيلن ۾ گنجائش کان 6 هزار وڌيڪ قيدي جيل ۾ آهن، ڪراچي سينٽرل جيل ۾ 2 هزار 400 قيدي جي گنجائش آهي پر اتي 6 هزار کان مٿي قيدي آهن جڏهن ته لانڍي جيل ۾ 1591 بدران 3483 قيدي جيل ۾ رکيا ويا آهن. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ قيد 1955 عورتون ۽ 1225 ٻارن جي مرد قيدين کان وڌيڪ حالت خراب آهي.  ڪراچي جي جيلن ۾ 3 ڊاڪٽر آهن ۽ پر  اڃا تائين قيدين  کي ڪا ويڪسين به نه ملي آهي، جيلن ۾ 400 کان وڌيڪ قيدي چمڙي جي بيماري ۾ مبتلا آهن. سنڌ ۾ 50 قيدي ايڊز ۾ مبتلا آهن. داخل ڪيل درخواست ۾ وڌيڪ چيو  ويو آهي ته ملڪ ۾ اهڙا واقعا به ٿيا آهن جو جن قيدين جا ڪيس ٻڌڻي هيٺ هوندا آهن اهي فيصلي کان اڳ ئي فوت ٿي ويندا آهن، ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي قيدين مان 91 سيڪڙو قيدين کي ڏوهه جو پتو ئي ناهي ته کيس ڪهڙي ڪيس ۾ واڙيو ويو  آهي جڏهن ته 36 سيڪڙو قيدي وڪيلن جون خدمتون حاصل نٿا ڪري سگهن. عدالت سندس درخواست تي مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ***ساڳئي عدالت ساڳئي درخواست گذار جي هڪ ٻئي درخواست تي تازين برساتن دوران ڪراچي جي  ڊفينس واري علائقي ۾ ڪرنٽ سبب فوت ٿيندڙ چئن نوجوانن جي وارثن کي معاوضو ۽ نيپرا کي 5 ڪروڙ رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ واري فيصلي تي عملدرآمد ڪري 14 جنوري تي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. جبران ناصر پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي انفرااسٽرڪچر جي آڊٽ ڪرائي وڃي ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي ڪري ڪيترو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو ان جي پڻ آڊٽ ڪرائي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو