سکر (امداد علي ڪلوڙ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي آبپاشي کاتي جي زمين، شاخن ۽ بچاءَ بندن جي ڪنڌين تي آبادين کي خالي ڪرائي ۽ گهرن کي ڊاهڻ وارو جاري آپريشن روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي درخواست قبول ڪندي سنڌ حڪومت جي درخواست تي عدالت پاران هڪ سال جي مهلت ڏيندي چيو آهي ته اڏاوتن خلاف هلندڙ آپريشن بند ڪري هڪ سال اندر متاثرين کي متبادل جڳهه ڏني وڃي.










