نمرتا جي خون سان انصاف لاءِ سنڌ ۾ ڀيٽا ۽ احتجاج جاري

ڪراچي (نمائندن وٽان) آصفه ڊينٽل ڪاليج لاڙڪاڻو جي شاگردياڻي ڊاڪٽر نمرتا ڪماريءَ جي پراسرار موت جي شفاف جاچ لاءِ آچر ڏهاڙي سنڌ صوبي جي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ سماجي، سياسي تنظيمن ۽ هندو برادريءَ پاران احتجاج جاري رکيو ويو. ڊاڪٽر نمرتا جي اباڻي شهر ميرپور ماٿيلو ۾ هندو پئنچائت ۽ سول سوسائٽيءَ پاران احتهاهي ريلي ڪڍي وئي. ميرپور ماٿيلو کان علاوه جروار، يارو لنڊ ۾ به احتجا ٿيو. جڏهن ته ميهڙ سان تعلق رکندڙ بهادر نياڻي اُم رباب چانڊيو ميرپور ماٿيلو پهچي نمرتا جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ بعد ۾ عوامي احتجاج ۾ شرڪت ڪئي احتجاج ڪندڙن کي خطاب ڪندي اُم رباب چيو ته نمرتا جو قتل سنڌ حڪومت جي مُنهن تي چماٽ آهي. مان سياسي اڳواڻ نه آهيان جو مان سياسي بيان ڏئي هلي وڃان مان هندو ڀائرن سان گڏ آهيان، نمرتا جو ڪيس مان پاڻ وڙنديس ۽ انصاف جي حاصلات تائين خاموش نه ويهندس.

اُم رباب ميرپور ماٿيلو عوامي احتجاج کي خطاب ڪندي

 لاڙڪاڻو:سنڌي شاگرد تحريڪ لاڙڪاڻي پاران نمرتا چنداڻي واري وقعي خلاف لاڙڪاڻو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ايس ايس ٽي اڳواڻن جميل لاڙ، وقار شاھ، سڪندر سولنگي، علي لاڙ، ذيشان کوکر ۽ ٻين احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته نمرتا چنداڻي جو خون لوڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سڄي سنڌ ڀرپور احتجاج ڪندي. ٺارو شاهه: نمرتا ڪماريءَ جي قتل خلاف ٺاروشاهه ۾ سول سوسائٽيءَ پاان احتجاج ڪيو ويو. رتوديرو: ڊاڪٽر نمرتا جي قتل خلاف رتوديرو ۾ عبيد الله جاگيراڻي، مکي اشوڪ ڪمار،  صوفي ڪنور ۽ ٻين يج اڳواڻيءَ ۾ احٽجاج ڪيو ويو. اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ۾ نمرتا چنداڻي جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ جي لاءِ يوٿ فورم جي سڏ تي پريس ڪلب اسلام ڪوٽ کان ٽائون موڙ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ٺري ميرواهه: ڊاڪٽر نمرتا جي قاتلن جي  گرفتاري لاء  ٺري ميرواھ ۾ ميرواھ اتحاد پاران ريلي ڪڍي وئي  شرڪت ڪئي. ان کان علاوه وڳڻ، ماتلي، ڏيپلو، ٺل، ڪشمور، خانپور مهر، چيلهار، اسلام ڪوٽ، سڪرنڊ، مورو ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ پڻ احتجاج ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو