سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم جو نورس ڪمپني جو دورو،ڏنڊ لاڳو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين پنهنجي ٽيم سان گڏ نورس ڪمپني جو اچانڪ دورو ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪيماڙي محمد بشير خان به ٽيم سان گڏ هئا. سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم جي دوري جي موقعي تي ڪمپني جي پيداواري حصي ۾ صفائي سٿرائي جي صورتحال انتهائي خراب ڏٺي وئي. ڪيميڪل جي ڊرمز ۾ کٽو (اچار) ۽ ٻين کائڻ جي شيون رکيون ويون هيون. سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم نورس ڪمپني تي چار لک روپين جو ڏنڊ پڻ لڳايو. ڪمپني جي پروڊڪشن هائوس کي عارضي طور تي بند ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊائريڪٽر جنرل فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين چيو ته کائڻ پيئڻ جون شيون ٺاهڻ وارا سمورا ادارا سنڌ فوڊ اٿارٽي جي قانونن جي پابندي ڪن. صحت جي اصولن تي عمل نه ڪرڻ وارن جي خلاف قانون جي تحت ڪارروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو