سنڌ سيڪريٽريٽ کي باهه ٻن کاتن جو رڪارڊ سڙي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ لائيو اسٽاڪ ۽ عورتن جي ترقي واري کاتي جي آفيسن کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي، جنهن بعد عملو خوف کان ٻاهر نڪري آيو ۽ فوري طور تي فائر برگيڊ گاڏيون گهرايون ويون. فائربرگيڊ گاڏين ۽ ريسڪيو ٽيمن گڏيل ڪوششن سان هڪ ڪلاڪ بعد باهه تي ضابطو آندو، صوبائي وزير شهلا رضا آفيس ۾ موجود نه هئي. هن ٻڌايو ته ايئرڪنڊيشينڊ خراب هو ان جي مرمت هلي پئي. باهه وومن ڪمپلينٽ سيل جي آفيس ۾ لڳي جنهن سبب بيرڪ جي ڇت ڪري پئي.  سنڌ اسمبلي جي سامهون واقع بيرڪ مڪمل طور سڙي وئي، جڏهن ته لائيو اسٽاڪ کاتي جي وزير باري پتافي ۽ عورتن جي ترقي واري کاتي جي وزير شهلا رضا جي آفيسز جو رڪارڊ، فرنيچر، ڪمپيوٽر وغيره مڪمل طور سڙي ويا. فائربرگيڊ ۽ ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته صوبائي وزير شهلا رضا جي آفيس ۾ شارٽ سرڪٽ سبب باهه ڀڙڪي، جنهن کانپوءِ ڪجهه ئي سيڪنڊن ۾ باهه وڌي وئي. صوبائي وزير شهلا رضا موجب اوچتو آفيس ۾ باهه ڀڙڪي پئي، جنهن کانپوءِ سمورا ملازم ٻاهر نڪري آيا، واقعي ۾ ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو  پر رڪارڊ کي نقصان پهتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو