سنڌ سرڪار آپريشن لاءِ رينجرز جون خدمتون وٺي سگهي ٿي،شيخ رشيد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پهتل وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات دوران ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ هر قسم جِي مدد جِي آڇ، رينجرز حاضر آهي، سنڌ سرڪار جڏهن به چاهي، آپريشن لاءِ رينجرز جون خدمتون وٺي سگهي ٿي،  وڏي وزير وفاقي گهرو وزير کان جديد هٿيارن سوڌو ٻيو سامان گهري ورتو، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪچي کي جلد ڌاڙيلن کان پاڪ ڪيو ويندو، ڪجهه حساس سامان جي ضرورت آهي، سنڌ حڪومت پاڻ بندوبست ڪري پئي، وفاقي گهرو کاتو به گهربل سامان جي فراهمي ۾ مدد ڪري، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته ڌاڙيلن خلاف دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا وڃن، امن امان سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي، وفاقي سرڪار سنڌ حڪومت جي هر قسم جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو