سنڌ سدائين آباد هوندي پر وفاق زيادتي ٿو ڪري، شاهه

مٽياري (رياض چانڊيو ) وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه اڄ ڀٽ شاهه پهچي حضرت شاهه عبداللطيف رح جي 276 هين عرس مبارڪ جي ٽن ڏينهن وارين تقريبن جي پڄاڻي تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي وزير ثقافت سيد سردار علي شاهه، وزير لائيو اسٽاڪ عبدالباري پتافي، وزير روينيو مخدوم محبوب الزمان، ايم پي اي قاسم سراج سومرو ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا. ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اڄ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي 276 هين عرس مبارڪ جي آخري ڏينهن تي مزار تي حاضري ڀري ملڪ ۽ صوبي جي امن ۽ سلامتي لاءِ دعائون گهريون آهن. هن چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي جيڪا صوفين ۽ بزرگن جي ڪري انشاء الله سدائين آباد رهندي. برطانيه جي شاهي جوڙي پاران سنڌ جو دورو نه ڪرڻ بابت سوال تي هن چيو ته اها ڪا وڏي ڳالهه نه آهي بلڪه سنڌ سان وفاق پاران ناانصافي اها ڪئي پئي وڃي ته سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ تحت حصو نٿو ملي، پاڻي نٿو ملي، سيوهڻ نيشنل هاءِ وي جي تعمير لاءِ وفاقي حڪومت شرط رکيو ته روڊ جي تعمير لاءِ اڌ پئسا صوبائي حڪومت ادا ڪري ته پوءِ روڊ تعمير ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته ڄاڻايل روڊ تي معمول بڻيل حادثن کي نظر ۾ رکندي وفاق کي 2017 ۾ روڊ تعمير ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي هئي، جڏهن ته 17 اپريل 2017 تي وفاق کي اڌ رقم ڏيڻ کان پوءِ ڄامشورو جي روڊ جي تعمير شروع ڪئي ويئي. هن چيو ته ٻئي ڪنهن به صوبي سان اهڙو ورتاءُ نٿو ڪيو وڃي، سنڌ سان وفاق پاران ٿيندڙ ناانصافي خلاف آواز اٿاريندا رهنداسين، فيصل واوڊا بابت پڇيل هڪ سوال تي هن چيو ته 2000 ۾ ان وقت جي چيف ايگزيڪٽو اهو فيصلو ڪيو هو ته ارسا ۾ سنڌ جي هڪ ميمبر کان علاوه مرڪز جي ميمبر جو تعلق پڻ سنڌ سان هوندو ۽ سنڌ حڪومت ٽن ماڻهن تي مشتمل پينل موڪليندي جن مان ٻن جي منظوري ڏني ويندي ۽ اسان ٽن ماڻهن تي مشتمل پينل موڪلي چڪا آهيون، ان ڏس ۾ عدالت اسان جي موقف کي صحيح قرار ڏنو آهي، 2000 کان پوءِ 2002 ۾ آئين ۾ ترميم ڪئي ويئي هئي ۽ عدالت پاران سندس مطابق ان دور جي چيف ايگزيڪٽو جي فيصلن کي آئيني تحفظ ڏنو ويو هو ۽ ان حوالي سان بيان ڏيڻ بيوقوفي جي مترادف آهي. هڪ سوال تي سندس چوڻ هو ته 16 سيپٽمبر 2018 تي جڏهن پهريون ڀيرو وزيراعظم ڪراچي آيو هو ته ان مهل هڪ معزز شخص چيو هو ته ڪي فور منصوبي جي پلاننگ غلط آهي ۽ ان ڏينهن کان پوءِ ڪي فور جي تعمير وارو ڪم رڪجي ويو ۽ وفاقي حڪومت اهو ڪم روڪيو ۽ هاڻ چون ٿا ته ان جو روٽ غلط آهي، جيڪڏهن اهو غلط آهي ته اهو اسان منظور نه ڪيو هو، مونکي ان وقت به منصوبي جي پلاننگ تي اعتراض هو جنهن تي اهو تاثر ڏنو ويو ته هي شخص ڪراچي جي ترقي واري ڪم ۾ رڪاوٽ آهي، ان ڏس ۾ وفاقي حڪومت پاڻ مونجهاري جو شڪار آهي، مونکي خبر آهي ته ڪراچي ۾ پاڻيءَ جو وڏو مسئلو آهي جنهن لاءِ اسان متبادل منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ تمام جلد ڪراچي لاءِ 185 MGD پاڻي جي فراهمي شروع ٿي ويندي، ان کان علاوه ڪي فور پاڻي جي منصوبي تي پيدا ٿيل مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پڻ ڪوشش ڪئي ويندي. هڪ سوال تي هن چيو ته شاهه جي راڳين جي وظيفي لاءِ ثقافت کاتي جي وزير سيد سردار شاهه کي چوندس ته ان مسئلي لاءِ تحرڪ وٺي ۽ مختص ڪيل بجيٽ موجب شاهه جي راڳين جو وظيفو مقرر ڪري. هن چيو ته ڀٽ شاهه ۾ ڪيتريون ترقياتي اسڪيمون مڪمل ٿي چڪيون آهن.

جڏهن ته ڪيترين ئي اسڪيمن تي ڪم هلندڙ آهي. وڏي وزير چيو ته صوفي يونيورسٽي جي تعمير ۾ تاخير جو اعتراف ڪريان ٿو جڏهن ته اهو مسئلو جلد حل ڪيو ويندو. هڪ سوال تي وڏي وزير چيو ته آر او پلانٽس جو مسئلو تمام جلد حل ٿي ويندو ۽ ان ڏس ۾ صوبائي وزير شبير بجاراڻي ٿر سميت ٻين علائقن جو دورو پڻ ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي فنڊنگ ۾ پڻ اضافو ڪيو ويو آهي، محدود وسيلن جي ڪري مسئلا اڪلائڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. هڪ سوال تي وڏي وزير چيو ته ڪچرو کڻڻ رڳو سنڌ حڪومت جي نه پر سمورن چونڊيل نمائندن جي ذميواري آهي، عدالت جو جيڪو حڪم آهي ان تي عملدرآمد ڪيو ويندو. اين آئي سي وي ڊي سوال بابت هن چيو ته سنڌ ۾ اين آئي سي وي ڊي اسپتالن جي تعمير اهڙي ريت ڪئي ويئي آهي جيڪڏهن ڪا ايمرجنسي ٿئي ته ڪلاڪ جي اندر مريض کي اتي پڄائي سگهجي ٿو. مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي بابت بلاول ڀٽو جو واضح موقف اچي چڪو آهي، مونکي ڄاڻ نه آهي ته ان ڌرڻي جو ڪهڙو روٽ هوندو، جمهوري احتجاج هر ڪنهن جو آئيني حق آهي ۽ اسان ڪنهن کي به ان حق کان روڪي نٿا سگهون، اسان جي ذميواري احتجاج ڪندڙن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ آهي، اسان جي ڪوشش هوندي ته ان مارچ سبب سنڌ جي ماڻهن کي پريشاني نه ٿئي. ان کان اڳ وڏي وزير مزار جي احاطي ۾ شاهه جو راڳ ٻڌو ۽ غريب عورتن ۾ تحفا ورهايا. چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف منور علي مهيسر. ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو، ايس ايس پي مٽياري آصف احمد ٻگهيو ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو