سنڌ رينجرز ۾ پنجاب جا نوجوان ڀرتي، سنڌين کي ڪُٽڪو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ رينجرس ۾ پنجاب جا نوجوان ڀرتي ڪرڻ جو انڪشاف، سنڌ جي ٻهراڙي واري ڪوٽا تي ڀرتي لاءِ آيل هزارين ماڻهن کي لٺيون هڻي منتشر ڪيو ويو ۽ کين پهرين تاريخ ٻيهر اچڻ لاءِ زباني اعلان ڪيو ويو. سفارشين کي هجوم مان ڀرتي لاءِ رينجرز وارا گاڏي ۾ کڻي ويندا رهيا. الهه تلهه وڪڻي ڪراچي جي هوٽلن ۾ دربدر ٿي سڄي رات گرائونڊ ۾ گذاريندڙ نوجوانن زيادتي لاءِ جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. سنڌ رينجرز ۾ ھڪ ھزار اھلڪارن جي ڀرتي لاءِ 2 مرحلا تيار ڪيا ويا پھرين مرحلي ۾ شھري نوجوانن کي 24 آگسٽ کان ٽن ڏينھن جو شيڊول تيار ڪري گھرايو ويو، ٻئي مرحلي ۾ سنڌ جي ٻهراڙي وارن نوجوان کي 28 آگسٽ تي گھرايو ويو، جنھن ۾ ٻھراڻي جا ھزارين نوجوان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ھڪ ڏينھن اڳ ڪراچي پھچي ويا سڄي رات ميدان تي بيھي انتظار ڪندڙ نوجوانن کي صبح سوير رش وڌي وڃڻ جو بھانو ڄاڻائي پھرين تاريخ تي واپس اچڻ لاءِ زباني اعلان ڪيو ويو، نوجوانن جي شور شرابو ڪرڻ تي رينجرس اھلڪارن لٺيون وسائي ماڻھن کي ڀڄائي ڇڏيو، ڀرتي ٿيڻ لاءِ آيل نوجوانن صحافين کي ٻڌايو ته سفارشي ماڻھن کي رينجرس اھلڪار روڊ تان پنھنجي ڪيري گاڏي ۾ کڻي اندر ھيڊ ڪواٽر ۾ پڄائيندا رھيا، انھن وڌيڪ اھو به الزام ھنيو ته زيادھ تر ماڻھو پنجاب کان گھرائي سنڌ جي ڪوٽا تي ڀرتي ڪري رھيا ھئا، نوجوانن اپيل ڪندي چيو ته صاف شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي ته سڀ اڇا ڪارا ظاھر ٿي پوندا، ھنن چيو ته سنڌي ماڻھن جي حقن تي ھر اداري ۾ ڌاڙو لڳي رھيو آھي پر ڪو پچڻ وارو ڪونھي، انھن چيو ته سنڌي نوجوانن سان انصاف ڪري سندن بيچيني ختم ڪئي وڃي،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو