سنڌ رينجرز جي 2023ع جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته رينجرز ۽ پوليس گڏيل طور سال 2023ع ۾ دهشتگردي، ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀنگ لاءِ اغوا ۽ ڀتا خوري خلاف مجموعي طور 163 آپريشن ڪيا مختلف ڪاررواين دوران 197 هاءِ پروفائل جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. رينجرز ترجمان موجب ته گرفتار جوابدارن ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان، بي ايل اي، بي ايس اين، لشڪر جهنگوي، آءِ ايس آءِ ايس، ايم ڪيو ايم لنڊن ۽ لياري جي ڏوهاري ٽولي جا دهشتگرد شامل آهن. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته دهشتگردي خلاف ڪارروائي ڪندي مجموعي طور 109 آپريشن ڪيا ويا ۽ 151 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته ٽارگيٽ ڪلنگ خلاف 19 ڪاررواين ۾ 11 ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتار ڪيو ويو. رينجرز ترجمان موجب، ڀتا خوري خلاف ڪارروائي ڪندي مجموعي طور 32 آپريشن ڪيا ويا ۽ مختلف پابندي مڙهيل تنظيمن سان تعلق رکندڙ 30 ڀتا خور گرفتار ڪيا ويا جڏهن ته ڀنگ لاءِ اغوا خلاف 3 ڪارروايون ڪيون ويون ۽ پنجن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪاررواين دوران 34 هٿيار ۽ مختلف قسمن جون 235 گوليون هٿ ڪيون ويون. رينجرز ترجمان چيو آهي ته هلندڙ سال ۾ ڦر، اسٽريٽ ڪرائيم، منشيات وڪري ۽ ڏوهاري ماڻهن خلاف مجموعي طور 708 ڪارروايون ڪيون ويون جن ۾ 2 هزار 292 جوابدار گرفتار ڪيا ويا جڏهن ته ڦر جي وارداتن خلاف 135 آپريشن دوران 524 ڦورو گرفتار ڪيا ويا. رينجرز ترجمان موجب، منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪندي مجموعي طور 96 ڪاررواين ۾ 474 منشيات وڪرو ڪندڙ گرفتار ڪيا ويا جڏهن ته ڏوهاري ماڻهن خلاف 477 ڪاررواين ۾ هڪ هزار 294 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته مختلف ڪاررواين دوران 79 هاءِ پروفائيل ڦر، منشيات وڪرو ڪندڙ ۽ عادي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته ڪاررواين دوران مختلف قسم جا 660 هٿيار ۽ 5 هزار 502 گوليون هٿ ڪيون ويون. سنڌ رينجرز جي ترجمان جو چوڻ آهي ته راڄڌاني ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف آپريشن دوران مجموعي طور هڪ لک 68 هزار 552 ڪلوگرام کان وڌيڪ منشيات هٿ ڪئي وئي. رينجرز ترجمان موجب، غير قانوني ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪندي مجموعي طور 27 ڪارروايون ڪري 3 ارب 33 ڪروڙ 30 لک جي ماليت جون شيون هٿ ڪيون جن ۾ کنڊ، سگريٽ، ايراني ڪمبل ۽ ٻيو سامان شامل آهي. سنڌ رينجرز جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سمگلنگ کي روڪڻ جي حوالي سان مجموعي طور تي 160 ڪاررواين دوران 3 لک 73 هزار 211 لٽر غيرقانوني ايراني تيل هٿ ڪيو ويو جنهن جي ماليت 120 ملين آهي ۽ 270 جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويو. ترجمان موجب، غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين خلاف آپريشن دوران مجموعي طور 4 هزار 437 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو جن مان هڪ هزار 329 کي بلوچستان حڪومت حوالي ڪيو ويو جڏهن ته بلوچستان حڪومت جي سهڪار سان 42 هزار 708 ماڻهن کي واپس وطن موڪليو ويو. سنڌ رينجرز جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف سيپٽمبر 2023ع بعد ڪارروائي ڪندي مجموعي طور 34 آپريشن ڪري132 جوابدارن کي گرفتار ڪري مختلف قسمن جا 78 هٿيار ۽ 4 هزار 850 گوليون هٿ ڪيون ويون. رينجرز ترجمان موجب، غيرقانوني هائڊرينٽس خلاف ڪارروائي ڪندي مجموعي طور تي 99 ڪاررواين ۾ 209 غير قانوني هائيڊرنٽس مان 30 کي سيل ۽ 179 کي ڊاهي پٽ ڪري 177 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. سنڌ رينجرز جي ترجمان جو چوڻ آهي ته رينجرز طرفان راڄڌاني ڪراچي سميت سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ سان گڏ مختلف ايونٽ خاص طور ننڍي چونڊ، آئيڊياز، پي ايس ايل، پرڏيهي ڪرڪيٽ ٽيمن جا دورا، مسلمانن ۽ ٻين اقليتي ڏهاڙن دوران فول پروف سڪيورٽي به فراهم ڪئي وئي. رينجرز ترجمان موجب، رينجرز طرفان شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ قائم مددگار سيل ۾ مجموعي طور 114 شڪايتون مليون جن ۾ 26 شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو جڏهن ته 27 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، رينجرز فرض سرانجام ڏيندي 3 جوان شهيد ۽ 11 زخمي ٿي پيا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو