سنڌ حڪومت عوام کي صحت جو  بنيادي سهولتون  ڏي پئي:ڊي سي

سنڌ حڪومت عوام کي صحت جو بنيادي سهولتون ڏي پئي:ڊي سي

لاڙڪاڻو (ن سنڌيار) ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن گهنور خان لغاري چيو آهي ته موجوده سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته عوام کي صحت جون بنيادي سهولتون مهياڪيون وڃن ته جيئن کين ڪا به تڪليف درپيش نه اچي ۽ ان سلسلي ۾ هي گڏجاڻي ڪري رهيو آهيان ته جيئن لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ صحت جي شعبي ۾ ملندڙ سهولتون ۽ مسئلا معلوم ڪري سگهجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ ڪمشنر آفيس جي ڪاميٽي روم ۾ هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. هن صحت کاتي جي عملدارن تي زور ڀريو ته هو صحت جي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائن انهي سان گڏوگڏ اسپتال ۾ داخل مريضن کي مفت دوائن جي فراهمي کي پڻ يقيني بڻايو وڃي.گڏجاڻي ۾ پرنسپال سي ايم سي ڊاڪٽر گلزار احمد شيخ، ايم ايس سي ايم سي ڊاڪٽر گلزار تنيو، رجسٽرار ايس ايم بي بي ايم يو سعيد احمد، ٻارن جي اسپتال جو ايڇ او ڊي ڊاڪٽر حسن چانڊيو، شيخ زيد وومين اسپتال جي انچارج ۽ ٻين شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ صحت کاتي جي عملدارن نقشن ۽ چارٽن ذريعي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ھن صحت کاتي جي عملدارن کان سوال جواب پڻ ڪيا ۽ کين هدايتون ڏنيون ته مريضن جو خاص خيال رکيو وڃي، ماءُ ۽ ٻار جي صحت تي وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي، انهي سان گڏوگڏ اسپتالن ۾ صفائي سٿرائي، ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل عملي جي ديوٽين کي يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي صحت کاتي جي عملدارن پنهنجا مسئلا پيش ڪندي ٻڌايو ته ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي جي کوٽ آهي جنهن تي ڪمشنر کين چيو ته پنهنجا پنهنجا مسئلا لکت ۾ ڏيو ته جيئن انهن کي حل ڪرائي سگهجي. ڪمشنر اهو به چيو ته پنهنجن ادارن ۾ وڌ کان وڌ ٻوٽا لڳايو ته جيئن ماحول بهتر ٿي سگهي ان لاءِ کين ڪا به مدد گهرجي ته هو مونکي ٻڌائين ته جيئن کين ٻوٽا وغيره مهيا ڪري سگهجن. ڪمشنر، رجسٽرار ايس ايم بي بي ايم يو کي هدايتون ڏنيون ته هو گرلس هاسٽل ۽ ٻين جاين تي سي سي ٽي وي ڪيمرائن کي يقيني بڻائن. هن چيو ته مون ڏٺو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ سٺا سٺا ڊاڪٽرن موجود آهن. گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڪمشنر ون قاضي سردار احمد، صحت کاتي جا عملدار ۽ ٻيا واسطيدار موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو