سنڌ حڪومت جو سياحتي هنڌن تي ٽورسٽ گائيڊ مقرر ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نگران صوبائي وزير سياحت، ماحوليات، موسمياتي تبديلي ۽ ڪوسٽل ڊولپمينٽ ارشد ولي محمد چيو آهي ته صوبي جي سمورن سياحتي هنڌن تي تربيت يافته ٽورسٽ گائيڊ مقرر ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ تاريخي ۽ سياحتي ماڳ آهن، ان ڪري هتي ايندڙ سياحن جي تجربي کي يادگار بڻائڻ لاءِ پروفيشنل ٽوئر گائيڊ هجڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته تربيت يافته ٽوئر گائيڊ ئي انهن تاريخي ماڳن بابت بهتر انداز ۾ ٻڌائي سگهي ٿو ۽ اهو عالمي سياحن جي تجربي کي يادگار بڻائيندو. ان سلسلي ۾ سيڪريٽري سياحت ۽ ثقافت خالد چاچڙ سياحتي گائيڊ جي مقرري لاءِ ناڻي کاتي کي خط لکي ڇڏيو آهي. خط ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جو حوالو ڏيندي سيڪريٽري سياحت ۽ ثقافت خالد چاچڙ چيو آهي ته ٽوئرسٽ گائيڊز جي خدمتن لاءِ فنڊ جاري ڪيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو