ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي 10 رڪني نگران ڪابينا جي ميمبرن عهدن جو حلف کڻي ورتو،سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري نگران ڪابينا جو حلف کڻي ورتو،نگران وڏي وزير سنڌ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر صوبائي وزيرن کي قلمدان ڏئي ڇڏيا آهن، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب برگيڊيئر (ر) حارث نواز کي گهرو ۽ جيل ۽ يونس ڍاگا کي ناڻي، روينيو ۽ پي اينڊ ڊي واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي.مبين جماڻي کي مڪاني ادارن واري وزارت، ڊاڪٽر سعد خالد کي صحت ۽ سماجي ڀلائي واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي. ڊاڪٽر جنيد شاهه کي راندين، ثقافت ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب راڻا حسين کي تعليم ۽ عورتن واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي، عمر سومرو کي قانون واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي.ايشور لال کي آبپاشي، خدا بخش مري کي معدني وسيلن ۽ ارشد ولي محمد کي سياحت ۽ ماحوليات واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي.
