وزير ِصحت ۽ باقر ۾ اختلاف،وزير پنهنجي نااهلي تي پريشان آهي،ترجمان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ۽ صحت کاتي واري نگران وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز وچ ۾ پيدا ٿيل اختلاف نبري نه سگھيا صحت وارو نگران وزير اھم ملاقات لاء اسلام آباد روانو ٿي ويو ،ذريعا نگران وڏي وزير سان اختلافن کانپوء ڊاڪٽر سعد خالد نياز اڄ اسلام آباد ۾ ھڪ اھم ملاقات ڪندو ،ڊاڪٽر سعد خالد نياز نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته اسلام آباد روانگي وڃان پيو، نه مون استعيفي ڏني آھي ۽ نه ئي استعيفي ڏيندس ـ وڏو وزير استعيفي ڏيڻ چاھي ته ٻئي ڳالهه آھي….وزيراعليٰ هائوس مان جاري نگران وزير صحت سعد خالد نياز جي بيان تي ردعمل ۾ چيو ويو آهي ته نگران وڏي وزير جسٽس باقر پاران صوبي جي کاتن جي اوچتي دورن مان ثابت ٿيو ته وزير صحت ڊاڪٽر سعد نياز اسپتالن کي سڌارڻ ۾ ناڪام ويو ۽ هن اسپتالن جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ بدران SIUT جهڙي عظيم اداري تي تنقيد ڪئي. وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر سعد نياز 3 ڀيرا صحت کاتي جو جائزه اجلاس رڳو بدنيتي ڪارڻ ملتوي ڪيا فقط ان لاءِ ته سندس خراب ڪارڪردگي جو پول پڌرو نه ٿئي. هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر سعد نياز پنهنجي بيانن ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي اهو ڪنهن به مهذب، پروفيشنل ڊاڪٽر يا ڪو وزير سوچي به نٿو سگهي. وزيراعليٰ هائوس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر سعد نياز پنهنجي بيانن ۾ جنهن قسم جي غلط بياني ۽ بيوقوفي ڏيکاري ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪوڙ جو ڪو بنياد ناهي ۽ جڏهن سندس جواب ڏيڻ جو وارو آيو ته بي بنياد ۽ ڪوڙن بيانن تي لهي آيو. ترجمان جي بيان ۾ چيو ويو ته ڊاڪٽر سعد نياز آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي تي بضد آهي ۽ پنهنجي نااهلي تي بيزار آهي. آئين ۽ قانون موجب نگران وڏو وزير پابند هوندو آهي ته هو وقت سِر سمورن صوبائي کاتن کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ هدايتون ڏيندو رهي. بيان ۾ تڪرار کي وائکو ڪندي ترجمان چيو ته ڊاڪٽر سعد نياز صحت کاتي ۾ پنهنجي پسند جو سيڪريٽري مقرر ڪري پنهنجو ذاتي ايجنڊا هلائڻ چاهي ٿو، جڏهن ته سنڌ جو نگران وڏو وزير عوام کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ آئين، قانون ۽ قاعدن کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو