سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مختلف واقعن ۾ 7 فوت 6 زخمي 6 گرفتار

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن، ڪارو ڪاري، بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ، ڊاڪٽر جي غفلت ۽ جهيڙن جي واقعن ۾ 7 ڄڻا قتل، 6 زخمي 7 5 گرفتار ڪيا ويا. سکر مان جیرام بختیار پوري موجب تماچاڻي ٿاڻي جي حد شڪارپور روڊ واري علائقي ۾ تيز رفتار ڪار ۽ ويگن روڊ پار ڪندڙ ڳوٺ ڊيها واسي نينگر طارق لکڻ کي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارڙو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو آهي، هوڏانهن تماچاڻي پوليس ڪار ۽ ويگن ڊرائيور کي گرفتار ڪري گاڏيون تحويل ۾ وٺي ڇڏيون آهن***خانپور مان زبيرگل موجب رحيم آباد ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ بختيار شر ۾ گذريل رات دير سان گھر ۾ گھري نامعلوم ھٿياربندن ھٿان ڪھاڙيوڻ ھڻي ھڪ عورت مسمات امينہ زال سبز علي شر شديد زخمي ٿي پئي  سندس مڙس سبز علي بہ زخمي  ٿي پيو ٻنھي زخمين کي سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيو ويو جتان عورت کي  ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو آھي. پوليس جو چوڻ آهي ته چورن کين مار ڏني آهي. **** شاهپورجهانيان مان اسد ٻگهيو موجب ڳوٺ مقيم ڏاهري ۾ گهر اندر پاڻي جي بجلي واري موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب ڳوٺاڻي وڪيل ڏاهري جي 13 ورهين جي نياڻي فوت ٿي وئي. ****مورو مان مرائي اياز سولنگي موجب باء پاس ٽريڪٽر  ٽرالي جو موٽر سائیڪل سوار کي ٽڪر، پورهيت ذوالفقار علي ولد محمد لائق  ٿڏي تي فوت ٿي ويو.

اھڙو اطلاع مورو پوليس کي ڏنو ويو جنھن جاء حادثي وٽ پھچي لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي مورو اسپتال پھچايو جڏهن ته پوليس ٽريڪٽر ٽرالي سميت ڊرائيور کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي. **** ڳاڙھو مان علي رضا پيروزاڻي موجب ڳوٺ واحد بخش لاشاري جو15 سالا گل ميرولد عبدالحفيظ گوادر۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو فوتي جو جنازو گوادر کان ايمبولنس ذريعي سندس اباڻي ڳوٺ آندو ويو جتي کيس آلين اکين سان ڀاون شاه قبرستان ۾ مٽيء ماء حوالي ڪيوويو.

فوتي گلمير مڇيء جو شڪارڪرڻ خاطر ماهگيرن سان گڏ گوادر ويو هو جتي کيس واش روم ۾ بجلي جوڪرنٽ لڳو.*** عادلپور مان اسلم آزاد موجب ڳوٺ پنجل سهتو ۾ سهتا برادري جي ٻن ڌرين ۾ 15 سال پراڻي ڪارنهن تڪرار تان الزام هڻندڙ ڌر جي بگن سهتو امداد سهتو ۽ ٻين ٻي ڌر جي پيرڏنو سهتو جي ڌر مٿان حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ ڪهاڙيون لڳڻ سبب پيرڏنو سهتو زخمي ٿي پيو جڏهن تہ بندوق جو فائر لڳڻ سبب واٽھڙو 16 سالا گونگو شھمور سهتو ۔نويد سهتو پڻ زخمي ٿي پيا زخمين کي وارث عادلپور ٿاڻي تان ميڊيڪل ليٽر بعد سول اسپتال گهوٽڪي کڻائي ويا جتان هڪ زخمي شهمور سهتو جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس سکر ريفر ڪيو ويو.*** خانپورمان زبيرگل موجب ڪوٽ شاھو ٿاڻي جي حد ۾ مڙس ھٿان ڪارنھن الزام ھيٺ زال قتل، لاش پوسٽ مارٽم جي لاء خانپور اسپتال آندو ويو، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي،  ڪوٽ شاھو ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل،  گرفتاري عمل ۾ نہ اچي سگھي.*** اسلام ڪوٽ مان  پرڪاش ڪمار  موجب سي آء اي ۽ اسلام ڪوٽ پوليس الھورايو ھنگورجو جي اڳواڻي ۾ ڇاپا ھڻي ٻن جوابدار مٺو بجير ۽ رزاق وڪيو کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو جوابدارن وٽان 1100 سفينا ھٿ آيون ـ ھوڏانھن اسلام ڪوٽ پوليس ڪارروائي ڪندي شھر جي ٻن ڪئبينن تي ڇاپا ھڻي حاڪم ميگھواڙ ۽ معشوق خاصخيلي کي گرفتار ڪري700 سفينا پڙي ھٿ ڪري مٿس منشيات ايڪٽ ڪيس داخل ڪيو آهي. *** ڊرگھ بالا مان جي ايم لنڊ  موجب ڪاڇي  جي ڳوٺ بري جو رهواسي امجد علي لغاري هيرو خان کان ڳوٺ اچي رهيو هو ته 10 کان وڌيڪ تاڙ ۾ ويٺل  ماڻهن  پاران مٿس ڏنڊن سان حملو ڪري زخمي ڪري فرار ٿي ويا.

زخمي کي وارث تعلقه اسپتال جوهي کڻائي آيا جتي زخمي ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته حملي آور 3  هفتا اڳ موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جو ڪيس داخل ڪرائڻ تان ڪاوڙيل هئا. *** ڏهرڪي مان وجي ڪمار موجب ڏهرڪي ۾ 5 سالن جي معصوم نينگر عزير ڀٽو کي اغوا ڪري تيز ڌار آلي سان ڳچي ڪپڻ جي ڪوشش ڪئي. رڙين تي حملي آور فرار ٿي ويا.

وارثن ٿاڻي اڳيان احتجاجي ڌرڻو هنيو، آئي جي سنڌ پوليس جي نوٽس وٺڻ تي ڪيس داخل پر پوليس جوابدار گرفتار نه ڪيا. جوابدار ارشد ڀٽو ، امين ڀٽو ، شهزاد ڀٽو ، زاهد ، فضل احمد ۽ ٻين پوليس پاران مهلت ملڻ تي ضمانت ڪرائي ورتي. معصوم نينگر عزير ڀٽو سسي ۾ ڪٽ لڳڻ ڪري سخت زخمي تعلقا اسپتال ۾ داخل آهي. **** ٺڪراٺومان حضرت گل موجب ڦيسڙ ۾ سرن جي بٺي تي ڪم ڪندڙ محمد علي اوڏ پنهنجي گهرواري مسمات مينا مٿان گرم پاڻي جي بالٽي هاري زخمي ڪري ڇڏيو عورت جو اڌ جسم سڙي وڃڻ ڪري سخت زخمي ٿي پئي جنهن کي وارث پنوعاقل جي اسپتال کڻائي ويا.

جتان عورت جي حالت خراب هجڻ ڪري ڊاڪٽرن سکر ريفر ڪيو جڏهن تہ مبارڪپور پوليس جوابدار کي عورت مٿان تشدد جي رپورٽ درج ڪري گرفتار ڪري ڇڏيو گرفتار جوابدا محمد علي اوڏ جوچوڻ ھو تہ پنهنجي گهرواري کي ويهنجڻ لاء پاڻي ڀري اچڻ جو چيو جنهن انڪار ڪيو تہ ڪاوڙ ۾ اچي اهڙو قدم کنيم جنهن تي پڇتاءُ اٿم.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو