ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صوبائي وزير الطاف حسين انڙ جي پٽن عادل انڙ ۽ عدنان انڙ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي. گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس کي وڏو ڌڪ لڳي ويو، جي ڊي اي جا ٻه اڳواڻ عادل الطاف انڙ ۽ عدنان الطاف انڙ پ پ ۾ شامل ٿي ويا. عادل ۽ عدنان انڙ ڪراچي ۾ پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي هنن پ پ قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. فريال ٽالپر ٻنهي جي پ پ ۾ شموليت تي آجيان ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ پارٽي جي بهترين مفاد ۾ ڪم ڪندا. شموليت جي موقعي تي پ پ جو سينيئر اڳواڻ قائم علي شاهه، نثار کهڙو، مير اعجاز جکراڻي ۽ سهيل انور سيال به موجود هئا.
