سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ لازمي سنڌي پڙهائڻ جو مطالبو

حيدرآباد (پ ر) سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن ۾ لازمي طور سنڌي پڙهائڻ جو مطالبو ڪندي سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، مرڪزي اڳواڻ دلدار نوحاڻي ۽ مجاهد بلوچ پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن کي سنڌي ٻولي لازمي پڙهائڻ لاءِ پابند ڪيو وڃي. سنڌي ٻولي نه پڙهائيندڙ تعليمي ادارن جا لائيسنس معطل ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ڪجهه ڏينهن اڳ نسل پرست، دهشتگرد گروهه ڪراچي يونيورسٽي انتظاميا کي درخواست ڏني آهي ته ڪلاس دوران سنڌي ٻولي ڳالهائڻ تي پابندي لڳائي وڃي اهڙي عمل جي سنڌي شاگرد تحريڪ مذمت ڪري ٿي ۽ ڪراچي يونيورسٽي انتظاميا کان مطالبو ٿي ڪري ته اهڙي قسم جي درخواست ڏيندڙ دهشتگرد گروهه تي پابندي لڳائي، درخواست ڏيندڙ لساني فسادين جي يونيورسٽي مان داخلا رد ڪئي وڃي. جڏهن ته اهڙي قسم جي درخواست ڏيندڙ گروهه طرفان اڳ به ڪراچي يونيورسٽي مان شاهه لطيف جا بيت مسمار ڪري انتهاپسندي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي ۽ انهن ساڳين دهشگردن سنڌي شاگردن تي تشدد پڻ ڪيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو